Pages

Wednesday, July 1, 2015

پروفائيل : ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


پروفائيل

گل حيات انسٽيٽيوٽ جو گل ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

رئوف چانڊيو


 Rauf CHandio 
 MA Batch 2k14
لاڙڪاڻي جي ڌرتي هزارين سالن کان پنهنجو تاريخي ۽ علمي وجود رکي ٿي، جنهن جو مثال موئن جو دڙو ئي ڪافي آهي. هن ڌرتي ڪيترائي وطن ۽ علم دوست انسان پيدا ڪيا، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ سوڀو گيانچنداڻي جهڙيون انيڪ عظيم شخصيتون شامل آهن. لاڙڪاڻي جي اهڙين شخصيتن جو ذڪر ڪجي ته انهن ۾ هڪ ٻي شخصيت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو به اُڪري اچي ٿو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جو ناليوارو تعليمدان، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ هڪ ڊرامه نگار سميت گهڻ رُخي شخصيت آهي. 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945ع ڌاري ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ بنيادي تعليم سندس ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، جنهن بعد 1971ع ۾ بي ايڊ، 1972ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت جي شروعات 1973ع کان ليڪچرار طور شروع ڪئي،  1985ع کان 1990ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي جو تعليمي آفيسر سميت مختف ادارن ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون۔ ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جو پرنسپال،
ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن سنڌ، زيبسٽ انٽرميڊيئٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جو پرنسپال، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو جو صدر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، انٽرميڊيئٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر سميت ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم کان ڳجهو نه هوندو، ڊاڪٽر صاحب 30 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا، جيڪي ڇپجي پڻ چڪا آهن. جن ۾ ”اسانجا اديب“، ”آئينا ۽ اولڙا“، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا“ وغيره شامل آهن. ”اونداهيءَ جا اولڙا“ سميت سندس ڊراما پي ٽي وي تان پڻ نشر ٿي چڪا آهن۔ 
ڊاڪٽر صاحب کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل ايوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ، لاڙڪاڻو ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ”تمغه امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو آهي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هن وقت به حياتي جي ستين ڏهاڪي دوران به ڪجهه نه ڪرڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهتر ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تي قائم رهندي پنهنجي ڳوٺ ۾ علم جي هڪ کاڻ گل حيات جي نالي سان هڪ انتهائي اهم تحقيقي انسٽيٽيوٽ هلائي رهيو آهي. جتي نه رڳو سڄي ملڪ پر دنيا ۾ سنڌ ۽ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ علم جا متلاشي اچي پنهنجي علمي اُڃ اجهائيندا آهن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جو نالو پنهنجي والد گل محمد ۽ والده حيات خاتون جي نالي تي رکيو، 
هن اداري گل حيات ۾ 1843ع کان وٺي هن وقت تائين مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن جنهن پليٽ فارم، تنظيمن ۽ ادارن ۾ اهي ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي ڪم جي سموري تفصيل موجود آهي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۽ انگريزن جي دور ۾ ڪم ڪندڙ 43 سياسي پارٽين جو رڪارڊ پڻ موجود آهن. اداري جي ويب سائيٽ پڻ قيمتي معلومات جو هڪ اهم ذريعو بڻيل آهي۔ هن اداري ۾ مختلف ملڪن جا نمائندا ۽ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف سوشل هسٽري ايشيا جو ڊائريڪٽر ۽ ان وقت جي گورنر معين الدين حيدر به هن اداري جو دورو ڪري چڪا آهن. گل حيات انسٽيٽوٽ مان ڪيترن ئي شاگرد پي ايڇ ڊي ۽ سي ايس ايس جي تياري ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترائي هن وقت به ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انهن چند ٿورڙن ماڻهن ۾ شامل آهي جن کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سندس ڀاءُ جي شهادت ۽ سندس حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ موقف ٻڌڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرائي صلاح مشورا ڪندي هئي. 
ڊاڪٽر پٺان جي هن اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ شهيد ڀٽي جي خاندان جو سر شاهنواز ڀٽي جي ڏاڏي کان وٺي سمورن شهيدن جو رڪارڊ موجود آهي. جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جو ڊرافٽ ته پيار علي الانه تيار ڪيو پر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ان جمهوري ڪم ۾ پيار علي الانه جو منشي ٿي شامل ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي ايڏي وڏي ڪم تي بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجي به کيس پاڻ وٽ گهرائي کائنس 1940ع واري قرارداد جي ڪاپي گهري ۽ صوبائي خودمختياري بابت بريفنگ ورتي. 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي اهليت، سوچ ۽ سندس ڪيل سمورين خدمتن تي ڳالهائجي ته مواد کٽڻ جيئن ئي نه آهي. سنڌ جي اها نامور شخصيت اسان جي نئين ٽهي توڙي ايندڙ نسل لاءِ به مشعل راهه بڻيل آهي.

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment