Pages

Wednesday, July 1, 2015

15 ڪتاب سرجيندڙ اردو شاعر شاهد عرف ڪشور ڪمار



پروفائل

 Qayoom Sirohi
Batch MA 2k14
هڪ ڇوڪري تي 15 ڪتاب سرجيندڙ اردو شاعر شاهد عرف ڪشور ڪمار

شاهد عرف ڪشور ڪمار جو پڻ شمار ٿئي ٿو، اصل نالو شاهد قريشي ۽ ادب جي حوالي سان شاهد عرف ڪشور ڪمار طور سڃاتو وڃي ٿو، شاهد قريشي حيدرآباد جي چتڙي چاڙهي واري علائقي ۾ اردو افسانه نگار فقير محمد قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم پرائڻ بعد انٽر سچل ڪاليج تلڪ چاڙهي مان ڪيائون، جنهن کانپوءِ اعليٰ تعليم پڻ ورتي، شاهد قريشي پڙهيل لکيل ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پرائمري جي دور ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي، شاعري کي ادب ۽ قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ مير دانش ۽ نصير مرزا کان شاعري جي باقائده سکيا ورتي، جنهن کانپوءِ هن مشاعرا پڙهڻ سان گڏ ڪتاب به لکيا، شاهد قريشي شاگردي جي دور ۾ بهاولپور ۾ مشاعرو پڙهڻ ويو، جتي هڪ نوشي نالي شاعره سان سندس دل جو پيچ پئجي ويو ۽ دل جي لڳي کي هن پنهنجي زندگي سان منسوب ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ ادبي دنيا ۾ هن سندس نالي تي لکڻ شروع ڪيو، هن وقت اردو ادب کي نوشي جي نالي تي شاعري جا 15 ڪتاب ڏئي چڪو آهي، شايد هڪ شخص تي ايترا ڪتاب اردو ادب ۾ اڳ ڪنهن نه لکيا هجن، سندس خواهش آهي ته گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ سندس نالو لکيو وڃي، پاڻ اردو شاعرن ۾ مرزا غالب، غلام مصطفيٰ زيدي، پروين شاڪر، جڏهن ته سنڌي جي شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان متاثر آهن، سنگيت ۾ ڪلاسيڪل ميوزڪ سندن پسنديده آهي، شاهد قريشي هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي، شاهد قريشي سٺي شاعر سان گڏ بهترين اداڪار، ڊرامه نويس ۽ ڪالم نگار پڻ آهي، هن اردو زبان هجڻ باوجود سنڌي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، پي ٽي وي جي ناٽڪ رنگ ۾ بهترين ڪردار نڀايائون..

No comments:

Post a Comment