ديهه اڪڙو جي سڃاڻپ واڳن جو نسل خطري ۾ ....
رئوف چانڊيو
Rauf Chandio
M.A Batch 2k14
آبي زندگي کي بچائڻ لاءِ واڳون دنيا جو سڀ کان بهتر ذريعو
سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي واڳون بيمار مڇين کي کائي ٻين مڇين لاءِ صحتمند
ماحول پيدا ڪندا آهن. واڳون ٻين خوبين سان گڏ ڍنڍن جي خوبصورتي ۾ به اضافو ڪندا
آهن. واڳن جي ڪيترائي قسم آهن، ڊگهو قد رکندڙ، بندرو ٿلهو، وڏي پُڇ وارو وغيره، پر
انهن سڀني مان وچولو قد ۽ ڊگهو سونڍ رکندڙ واڳون سڀ کان ناياب نسل قرار ڏنو وڃي ٿو
۽ واڳن جو اهو قسم انهيءَ اڪڙو واري علائقي ۾ گهڻو آهي.
نوابشاهه ضلعي جي ديهه اڪڙو
جيڪو واڳن جي علائقي طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ بلڪ سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ واڳون
هن علائقي ۾ رهن ٿا. ديهه اڪڙو نوابشاهه کان 70 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.
ديهه اڪڙو جيڪو قدرتي اندروني آلي زمين جو مثال بڻيل آهي، جتي ڇڇ، جنسار، ميرڪو، سنهڙي،
ولڻ، آڪن واري ۽ شور ڍنڍ سميت 29 ڍنڍون آهن. اهي سموريون ڍنڍون رڳو واڳن جي ڪري ئي
سڃاتيون وينديون هيون ۽ سموري سنڌ بلڪ ملڪ ۾ به مشهور هيون. پري پري کان ماڻهو رڳو
انهن ڍنڍن ۾ واڳن جو نظارو ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.
هڪ سروي رپورٽ موجب 90ع واري ڏهاڪي ۾ ديهه اڪڙو
جي ڍنڍن ۾18 هزار واڳون هيا. جڏهن ته
پنجاب وائلڊ لائيف کاتي جي ڊاڪٽر عليم چوڌري مطابق 50 هزار ايڪڙن جي ايراضي رکندڙ
ديهه اڪڙو ۾ هاڻي فقط هڪ هزار واڳون وڃي بچيا آهن. واڳن جي نسل ڪشي جو ڪارڻ سڌي
ريت جهنگلي جيوت کاتي جي بي ڌياني ثابت ٿئي ٿو. ان سان گڏ انهن ڍنڍن تي واڳن جو
شڪار وڌڻ ۽ چوٽياري ڊيم سبب علائقي ۾ سم وڌڻ به قرار ڏنو پيو وڃي. جهنگلي جيوت
کاتي موجب انهيءَ قسم جا واڳون (جيڪي اڪڙو ديهه ۾ موجود آهن) دنيا ۾ صرف پاڪستان،
ڀارت، نيپال، سريلنڪا، چين ۽ ايران ۾ ئي موجود آهن.
واڳون خشڪ موسم ۾ گهڻي ڀاڱي ساليانو آنا ڏيندا
آهن، چند نسل جا واڳون آهن جيڪي سال ۾ ٻه ڀيرا يعني ڇهين مهيني تي آنا لاهيندا آهن.
واڳون جڏهن آنا ڏيڻ شروع ڪندا آهن ته مادي واڳون جڏهن آنا ڏيڻ شروع ڪندا آهن ته
ڍنڍن اندر رهڻ بدران ڪناري تي تمام اونهيون ٻرون ۽ کڏا ڪري اُنهن ۾ رهڻ شروع ڪري
ڏيندا آهن. انهن ٻرن ۾ نر اندر ۽ مادي ٻرن جي ڇيڙي يعني اڳئين پاسي تي رهندي آهي. نر
واڳون پنهنجي نسل تحت مناسب قد ڪري ويندو آهي ته بالغ قرار ڏنو ويندو آهي پر مادي
واڳون 1.82 ميٽرن جي قد تائين پهچندي آهي ته پوءِ کيس آنا ڏيڻ جي قابل سمجهيو
ويندو آهي.
نوابشاهه جو سينيئر صحافي علي
محمد شاهه لڪياري جيڪو واڳن جي نسل بچائڻ لاءِ پنج ست سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي. ماحوليات
دشمن سرگرمين ۽ واڳن جي نسل ڪشي ٿيڻ خلاف ميڊيا تي ڪيترائي ڀيرا رپورٽون شايع ۽
نشر ٿي چڪيون آهن پر جهنگلي جيوت کاتي ان جي بچاءَ لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم ناهن
کنيا.
علائقي واسين موجب ديهه اڪڙو واري علائقي ۾ واڳن جي موجود 29 ڍنڍن تي رڳو هڪ
انسپيڪٽر ۽ پنج اهلڪار مقرر آهن. جيڪي صرف هڪ ڍنڍ لاءِ مقرري هوندي آهي. صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي چوڻ موجب آلي
زمين جي نگراني جوڙيل ڪميٽي واڳن جي نسل جي حفاظت لاءِ قانون سازي جو اعلان ڪيو هو
پر اهو رڳو اعلان ئي رهجي ويو. نه ڪا قانون سازي ٿي ۽ نه ئي جهنگلي جيوت کاتو آبي
زندگي بچائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي رهيو آهي.
علائقي واسين موجب 15 سالن کان مسلسل واڳن
جي شڪار ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي پر اڄ ڏينهن تائين نه ڪو شڪاري گرفتار ٿيو آهي ۽ نه
ئي ڪنهن تي ڏنڊ وڌو ويو آهي. سياري جي موسم ۾ واڳن جو شڪار ڪري نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي
۽ گرمين جي موسم ۾ پاڻي سُڪڻ يا خشڪ زمين تپڻ سبب به واڳن جي موت ٿئي ٿي. صحافي
علي محمد شاهه جو چوڻ آهي ته واڳن جو شڪار اڪثر ڪري کلن جي ڪاروبار لاءِ ڪيو ويندو
آهي، سندس چواڻي آهي ته في واڳون جي کل علائقي سطح تي به 15 هزار کان 25 هزار ۾
وڪرو ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻين ملڪن مان وڌيڪ منافعي بخش هوندي آهي.
اڪڙو ديهه واريون
اهي ڍنڍون ماحولياتي آلودي لاءِ فائديمند هئڻ سان گڏ واڳن جي خوبصورتي جي ڪري تمام
قيمتي ۽ مهانگيون ثابت ٿين ٿيون. علائقي واسين موجب اهي ڍنڍون تمام منافعي بخش هئڻ
ڪري فشريز کاتي، روينيو توڙي آبپاشي کاتي پاران به انهن ڍنڍن تي قبضي جي ڪوشش ڪري
اهي ڍنڍون ٺيڪي تي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ممڪن نه ٿي سگهي.
ماحولياتي
خوبصورتي ۽ آبي زندگي لاءِ فائديمند قرار ڏنل ڍنڍن ۽ واڳن جو سنڌ ۾ نه رڳو ديهه
اڪڙو پر هاليجي ڍنڍ ۽ ٻين علائقن مان به نسل ختم ٿيندو پيو وڃي. جهنگلي جيوت کاتو
۽ سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي معاملي جي پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
No comments:
Post a Comment