Pages

Saturday, September 26, 2015

ڀڳت ڀاڳچند Profile by Rasool Bux Bodani

See it, if u can more
Profile by Rasool Bux Bodani
ڀڳت ڀاڳچند
سنڌ جا ماڻهو هميشه موسيقي جا عاشق رهيا آهن جنهن  جون نشانيون موئن جي دڙي مان پڻ ملن ٿيون، يا وري قاضي قادن ۽ شاهه لطيف يا ٻيا شاعر به ان شي جو اهڃاڻ آهن ته سنڌ صدين کان موسيقي سان واڳيل رهي آهي، ائين سنڌي ادب ۾ نثر کان نظم ۽ شاعري پڻ  وڏي اهميت رکي ٿي ان جي ڪري شاعري جيڪا راڳي مختلف محفلن توڙي يا ميڙاڪن ۾ شاعرن کان خوب داد حاصل ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هڪ ته شاعر کي به داد ڏيڻ گهرجي پر ان کان مڃتا ڏيارڻ ۾ راڳي جو اهم ڪردار هوندو آهي، شاعر جي شآعري کي مختلف سازن سان ڌُنون ٺاهي ان کي راڳ ۾ ڳائيندو آهي ، تنهن جي ڪري شاعر توڙي راڳي کي عوام ۾ مڃتا ملي ٿي ان مان ظاهر ٿئي ٿو  ته هن سڄي مانڊاڻ کي مچائڻ ۾ راڳي جو اهم ڪردار هوندو آهي.
ان ئي راڳي جي پيشي۽ هڪ غريب هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ ڀڳت ڀاڳچند جو به انهن راڳين مان هڪ آهي جيڪو سنڌڙي جي تعلقي کپرو ۾ 1965ع ڌاري جنم ورتو هن کي ننڊي هوندي کان ئي موسيقي سان بيحد چاهت هئي ان  ڪري هن ننڍي عُمِر ۾ اٽي جي  چڪي هلائيندي  ان مان ڪيترائي سُر ٺاهيندو هو.  ڪيترن ئي قسمن جا راڳ   چهيڙي ويهندو هو ته ڪڏهن وري ان چڪي جي آوازن کي ساز سمجهي پاڻ کي ان ۾ پنهنجي هستي کي گُم ڪري ڇڏيندو هو ته اتان کان هي شخص متاثر ٿيو ۽ وڃي سازن جي  دنيا وسايائين .
ائين ئي مختلف سازن سِکڻ جو هن ۾ شوق جاڳيو ان ڪري هن گهانگهر جي وڄائڻ کان شروعات ڪئي ۽ لوهه جا ڊٻا پڻ وڄائي پنهنجو شوق پورو ڪندو هو. ائين آهستي آهستي باجو، يڪتارو، بينجو ۽ ٻيا ڪيترائي ساز سکيائين ۽ استاد تارا چند کان باقائدي ڳائڻ جي سکيا ورتائين اتان کان ئي صوفي موسيقي سان شروعات ڪيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري و ساري  آهي. هن پنهنجي ڳائڻ جي شروعات مختلف درگاهن کان ڪئي ۽ تائين به درگاهن تي ڳائيندو رهي ٿو، هن پنهنجو فن صرف پنهنجي پاڻ تائين محدود نه رکيو پر فن کي امانت سمجهي ٻين شاگردن کي به  ڏيندو اچي ، پنهجي هن فن سان ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آهن جيڪو اڄ تائين جاري رکيو اچي .
هن پوءِ پنهنجي پراڻي ڳوٺ کي ڇڏي شاهپور چاڪر وسايائين سن 2000ع ۾ هن اتي اچي رهائش اختيار ڪئي اڃا تائين اتي ئي پيو رهي . هن پنهنجي ميڊيا تي ڳائڻ جي شروعات خيرپور جي ريڊيو اسٽيشن تان ڪئين ، اُتي هن کي ڪرم علي ٽالپر متعارف ڪرايو ، جنهن کي هي روحاني مُرشد پڻ ڪري مڃي ٿو،
خيرپور ريڊيو اسٽيشن تان هن فقير جو هنن اکرن کان شروعات ڪئي
فقير جو مظهر الله جو مظهر
فقير مليو ته الله مليو
پوءِ هن سچل کي ڳايو“ قلب اندر قابو ڏٺوسين مڪي وڃڻ ڪهڙو ڪم” ائين هي پنهنجي هن فن سان ڪيترن ئي شاعرن کي سُرن ۾ چهڙيو آهي جن ۾ روحل فقير، مراد فقير، فقير درياءَ خان، بيدل سائين ، سچل سائين، ولي محمد لغاري، ڀڳت ڪبير، انور سائين ۽ حُضور سائين کان ويندي هن هن دور جي شاعر مانجهي فقير تائين پنهنجا سُر وکيريا آهن.
هن جو پسنديدهه صوفي شاعر روحل فقير آهي اڄ به به ڪرم سائين جي واکاڻ ڪندو رهي ٿو ۽ هن ڪرم سائين جا ڪيترائي ڪلام ڳائي چڪو آهي ، روحل سائين کي پسند جو شاعر هئڻ ڪري اڄ تائين هي ان فقير جون هي سٽون سدائين چوندو رهندو آهي ڇو ته روحل فقير هفت زبان شاعر آهي.
  صحيع سڃاڻي پاڻ اٿئي سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قُلوب مان مدائي وارو ماڻ،
پري نِهارڻ  پِر کي سندو ڄٽن ڄاڻ ،
سائين توسان ساڻ رات ڏينهن روحل چوي.


Practical work carried under supervision of Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies University of Sindh