Pages

Thursday, April 15, 2010

Waan Aj ba Rozgar Jo Zario مڃ جو واڻ




Feature
By Manzoor Ahmed

قديم زماني کان وٺي اسان جي سنڌ سڌريل ۽ هنرن ۾ مشهور رهي آهي، هتي جا مرد محنتي زالون سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن، خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جون عورتون جيڪي مختلف هنرن، جيئن رلين ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، ٽوپين ٺاهڻ، ڪپڙا سبڻ ته ڪٿي واڻ ٺاهڻ جو هنر اسان جي سنڌ ۾ ڪافي اهڙيون عورتون پڻ آهن جيڪي انهن هنرن کان محروم آهن اهي وري پنهنجي گهر جي ڪم ڪار سان گڏوگڏ پنهنجي ورن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائن ٿيون، واڻ جو هنر سنڌ جي تاريخ جو تمام قديمي هنر آهي.

هن هنر جي شروعات سنڌ ۾ اڄ کان چوڏنهن سئو سال پهريان ٿي جڏهن اميرحمزه، جيڪي عربستان جا وڏا واپاري هئا، سندن واپار اٺن ذريعي مختلف ملڪن ۾ ڪيو ويندو هيو، سندن واپار بلوچ قوم ڪندي هئي، سندن وصال کان پوء بلوچ قوم مڪه کان مديني، عراق کان ۽ ايران رستي بلوچستان ۾ آباد ٿيا، انهي دور ۾ بلوچ قوم کي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ڪو ذريعونه هيو تنهن لا انهن پيش نالي جابلو ٻوٽي کي استعمال ڪيو جنهن کي وڍي ان مان واڻ ۽ ڪافي ائٽم ٺاهي، انهن کي وڪرو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا، بعد ۾ بلوچ قوم جا ڪجهه خاندان، خانداني تڪرار سبب بلوچستان کان سنڌ ڏانهن هجرت ڪرڻ لڳا، اهڙي طرح اهو هنر سنڌ ۾ عام جام ٿيڻ لڳو، هينئر اهو هنر دادو ضلعي، ٽنڊوالهيار، هالا شهرن جي ٻهراڙين ۾ عام جام ڪيو ويندو آهي، جيڪو بلوچ قوم جي مخصوص ڪميونٽي جون عورتون پنهنجي تهذيب کي برقرار رکندي، اڄ جي تيز رفتار دور ۾ انهي هنر کي هٿي وٺرائي رهيون آهن، واڻ ٻن قسمن جي قدرتي ٻوٽين مان تيار ڪيو ويندو آهي سَرَ (ڪانهن ) جنهن مان مُڃ جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، مڃ جو واڻ اهي عورتون تيار ڪنديون آهن، جيڪي تمام گهڻيون مجبور ۽ لاچار عورتون هونديون آهن، اهو انهي ڪري جو سرَ (ڪانهن) بنا رقم جي مليو وڃي، رڳو ڏانٽن ذريعي لڻڻو پوندو آهي، جنهن لا واهن ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپ تي وڃڻ جي ضرورت پوندي آهي، سرَ کي ڪاٺ جي ٿُڙن تي ڪُٽي انهن جون تندون ڪري پاڻي سان پسائي، هٿن ذريعي وٽيو ويندو آهي، بعد ۾ انهن کي ڪجهه وفقي کان پوء ڪل ذريعي پهچايو ويندو آهي، اهڙي طرح مڃ جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي ، مڃ جو واڻ هالا تعلقي ۾ تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي وڃي خريد ڪندا آهن، هي واڻ صفائي ۽ سٿرائي ۽ رنگ جو ڀورو هئڻ ڪري پنهنجو اگهه پاڻ ٻڌائيندو آهي.

واڻ جو ٻيو نالو پيش نالي هڪ جابلو ٻوٽي مان تيار ڪيو ويندو آ هي، هي هڪ قدرتي ٻوٽي آهي جيڪا هزارن سالن کان بلوچستان جي جابلو علائقن جنهن ۾ ڪولو بار کان، رڪني ۽ لس ٻيلي جي علائقن ۾ عام جام ٿيندي آهي، انهن علائقن جا رهواسي ان ٻوٽي کي لوهه جي سخت اوذارن وسيلي لڻي جابلو چوٽين ۽ ميدانن مان خچرن ۽ گڏهن ذريعي روڊن تائين پهچائيندا آهن بعد ۾ ٽرڪن ذريعي حب چوڪي ۽ ٻين رستن کان ملڪ جي انهن علائقن تائين پيش پهچائي سٺو ناڻو ڪمايو ويندو آهي، هي پيش تڏن ٺاهڻ ، ٻهارن ٺاهڻ ۽ خاص ڪري واڻ جي هنر لا نهايت ڪارائتي ٻوٽي آهي، ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڳوٺ الهه بخش ارباب جيڪو پيش جي واڻ جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، هي هنر مجيداڻا ڪميونٽي جون مخصوص عورتون هڪ سئو سال کان پنهنجي روايتن ۽ رسمن کي برقرار رکندي انهي هنر کي هٿي وٺرائي رهيون آهن، جتي آرڊر تي واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، هتي ٽن قسمن جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، پهرين نمبر جو واڻ بالڪل سنهو جيڪو مڃ جي واڻ کان به باريڪ هوندو آهي، ڏسڻ واري جي ڏندن ۾ آڱريون اچيو وڃن ته ڪهڙي مهارت سان تيار ڪيو ويو آهي، ٻيو ۽ ٽيون نمبر واڻ جيڪو عام جام ٺاهيو ويندو آهي، پيش جو واڻ، مڃ جي واڻ ٺاهڻ کان مشڪل آهي، جنهن لا تمام گهڻن مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي، پهرين ته پيش جي ڦڙهن کي باريڪ (سنهو) ڪري، انهن جون 2 کان 3 ڪلو جون موڙهيون ٺاهي انهن موڙهين کي ٻڌو ويندو آهي، بعد ۾ زمين ۾ لڳل پٿر سان ڪٽيو ويندو آهي، اهي موڙهيون ڳري تندون ٿي وڃن انهن کي پاڻي سان پسائي هٿن سان وٽيو ويندو آهي، بعد ۾ انهن کي چرکين ۽ ڪلن ذريعي وٽ ڀري تيار ڪيو ويندو آهي، پسيل هئڻ ڪري سج جي روشني ذريعي 5 کان 6 ڪلاڪ سڪايو ٻٻرن ۽ ڪاٺ جي ٿڙن تي گسائي، ڪينچي ذريعي بج لاهي تيار ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح واڻ پنهنجي اصل شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي، شروع کان وٺي آخر تائين هڪ مڻ واڻ تيار ڪرڻ ۾ هڪ عورت کي 15 ڏينهن لڳندا آهن، ايتري محنت ۽ جفاڪشي جي باوجود انهن عورتن کي ايترو اجورو نٿو ملي جيتري محنت انهي ڪم ۾ ٿيل هوندي آهي. سنڌ جي هن هنر توڙي ٻيا گهرو هنر جن تي اسان کي فخر آهي، تن کي ترقي وٺائي وڃي انهن جي محنت جو اجورو، محنت کي ڏسي ادا ڪيو وڃي، جنهن سان عورتن جي انهي هنر ۾ دلچسپي رجهان وڌي وڃي، ان سان گڏوگڏ واڻ جي هنر کي رڳو بلوچ ڪميونٽي تائين محدود نه رکيو وڃي بلڪه پوري سنڌ ليول تي هٿي وٺرائي وڃي.


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

No comments:

Post a Comment