Article
By Zafar Hussain Shah
اسان سنڌي جيترا مهمان نواز هئاسين اوترا ئي اڄ به آهيون
ها پر اڄ اسان جون اوطاقون ۽ اسان جون ٻنيون هن سائنس جي ترقيءَ کسي ورتيون آهن تنهن هوندي به اسان ان سائنس جي ترقيءَ کي به ساڻ کڻي هلڻ جي ڪوشش ۾رڌل آهيون جنهن جو واضع مثال اڄ ڪلهه توهان کي هر ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم جي شڪل ۾ ايندو اهو هجوم نه اوطاق نه اوتاري تي ۽ نه ئي ڪنهن لانڍي ۾ نظر ايندو پر اهو سائنس جي وجھ سان هڪ رنگين اسڪرين جي اڳيان ويٺل ۽چانهه جي سپ مٿان ۽سگريٽ جو سوٽو هڻندڙ ڳوٺ جي هوٽل تي نظر ايندو دنيا جي پريشانين، بيروزگارين، پاڻي جي اڻاٺ، سياست جي داءُ ۽ پيچن کان بالاتر، سنجي دت، اڪشي ڪمار ۽ سني ديول جي بهترين ايڪشن موويز ڏسندي ۽ تفريح ڪندي ملندو. ان مني سينيما اسڪرين تي اونهاري جي منجهند جي ڇِتي جهولي کان بچاءُ جو ذريعو ۽ سياري جي پاري کان ڍڪ هوندو آهي. بيروزگاري جون سوچون گھٽائڻ لاءِ ۽ مائٽن جي روڪ ٽوڪ کان اتي ويٺا ملندا آهن.
اوطاقون ته سائنس جي ترقي ختم ڪري ڇڏيون آهن اهي صرف موت جي ڏينهن ۾ تڏو ڪري ويهڻ ۽ شادي جي خوشين ۾ استعمال ٿينديون آهن. باقي مهمان نوازي ته هوٽلن تي به ويهي ڪري سگهجي ٿي. جيڪا هوٽل تي مهمان کي چانهه پياري ڪندا آهن. پري کان ڪو دوست ڏسندا ته پاڻ اچڻ سان ئي ٻنهي جو وڏو ڀاڪر لڳي ويندو ڄڻ ته هو ڪافي صديون بعد مليا هجن. رومال ڪلهي تي ٽوپي نڙاڙ تي وڏو بوٽ پاتل پيو هوندو ”او چانهه وارا جلدي دودهه پتي چانهه کڻي آ، ها نظام (فلاڻا) ڇا هال آهن، ڪٿي آهين، نظر ئي ڪونه پي آئين، وڏا حوال ڏئي“ گهر ۾ لڀي کائڻ لاءِ اٽو ڪونه، ٻارن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونه، پيرن ۾ چپل ڪونهي، ڪمائڻ لاءِ گهر واري لاباري ۽ ٿريشر تي ۽ هي همراهه ٻول جي مٿان ٻول پيو ٻڌائي پاڻ سينيما تي فلمون ڏسندي ٽائيم پاس ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينهن مولا مالڪ آهي نه ته کڻي رات جو ڪنهن جي گهر تي ڌاڙو ته ڪي وري نلڪن مان بلٽ چورائيندا نظر ايندا، ڪي وري گاڏين جي ڦر تي ته ڪي وري واٽر سپلاءِ جا ٽرانسفارمر چورايندا وتندا، ڪجهه وري مال جي واڙي مان مينهون، ٻڪريون يا ڍڳيون ڪاهي وڃن ٿا. پيرو ڏس ته حجي شفو جي گهر جو. حاجي شفو ته اڳي ئي قران هٿ ۾ سڌو سائين امام علي شاهه جي اوطاق تي سائين مرشد مون سان ظلم مان توهان جو نوڪر،خادم، هاري مون سان ظلم پيو ٿي مطلب ته وچ تي مال اڃا ٻيو پير کنيو پيو وڃي اڄ ڪلهه جي معاشري ۾ ڄڻ ته مني سينيما هڪ ڪلسٽر جيان ٿي وئي آهي جتي اڄ اوطاقن بجاءِ مني سينيما تي ويهڻ کي ماڻهو وڌيڪ پسند ڪن ٿا. پر اتي ويهڻ سان نه صرف انهي جا عادي ٿين ٿا بلڪ آهستي آهستي ٻين به براين ۾ پئجي وڃن ٿا. جتي ماڻهو سگريٽ، ڀنگ چرس ۽ آفيم جو عادي ٿيو وڃي.
هڪ ٻيو سوال به اڀري ٿو آدم شماري وڌڻ سان انسانن جا خيالات اهڙين شين ڏانهن ٿي وڃن ٿا ها اهي به پنهنجي جا تي صحيح آهن جيڪڏهن گهر جا ماڻهو وڌي ٿا وڃن ۽ ڪمائڻ وارو هڪ آهي ته پوءِ عورت کي بلڪل حق آهري ته اهي به گهر کي هلائن پر ائين به ته ناهي نه ته گهر کي هلائڻ واري عورت ۽ مرد هوٽلن تي! يا وري اهڙي قسم جا به واقعا اڄڪلهه وڌي ويا آهن ته پئسو هوندي به ان کي اجايو سجايووڃائڻ ي کڻي چئجي ته پئسي جو ذيان يا پئسي کي اڏائڻ ها اڄ ڪلهه جا نوجوان ائين به چاهين ٿا ته بلي بابو قرضي هجي پر اهو نوجوان منهنجو بوٽ ته لازمي آ ته پالش هجي گھٽ ۾ گھٽ سئو رپيا منهنجي کيسي ۾ هجن روز نئون ڪاٽن جو وڳو هجي آئون ڏاڙهي به پاڻ نه لاهيندس اها به حجم کان ڪرائيندس ۽ N series سيٽ هجي ان کان علاوه هڪآزار کڻي چئجي ته اهو آهي بيروزگاري ته اهو تمام گھڻو، ۽ ان جو حل به لازمي آهي ته بيروزگاري جي ڪري ئي اڄ ڪلهه جا پڙهيل لکيل نوجوان وڃي مني سينيما جهڙين جاين تي مجبور ٿين ٿا. اهو ان جي ڪري جو جيڪو سرڪاري ملازم آهي اهو پنهنجون شيون پنهنجي اولاد کي ڏيڻ جا خواهشمند ٿين ٿا. ته ان جي ڪري موجوده جيڪي نوجوان آهن جنهن ۾ ڪيترا ئي نوجوانن کي وري ميرٽ تي نه ملڻ ڪر انهن جاين تان تي وڃڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو يا ڪجهه اهڙا نوجوان به هوندا آهن جيڪي گهر جي مجبورين يا مائٽن جو چئو چوا جي ڪري اهڙين خراب عادتن تي فائز ٿين ٿا. يا کڻي ائين چئجي ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اهڙي معاشري ۾ رهي ڪري خراب سنگت جا اثرات پئجي وڃڻ جي ڪري خراب عادتن ۾ ڦاسن ٿا.
سنڌي ميڊيا جيڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته ان ۾ عام ماڻهو سان گڏ سنڌي ميڊيا جو به ڪجهه حد تائين خراب اثر ماڻهن تائين پهچن ٿا. هنن ڊرامن ڪجهه اهڙا قصا ٿين ٿا انهن جا اثرات اسان جي معاشري ۾ ته نٿا پيا اچن جهڙي طرح هي ڪهاڻيون آهن.
سچ پڇو ته اڄ ڪلهه هوٽلنگ ئي هڪ بهترين روزگار آهي جيڪو ايترو ڪاروبار ڪري ٿو جيڪو ئي ٻيو ڪو ڪندو هجي. اڄڪلهه ڳوٺن ۾ اهو واحد ادارو آهي جتي توهان کي وڌ ۾ وڌ ماڻهو موجود ملندا پوءِ اها اونهاري جي ڇتي جهولي واري منجهند هجي يا سياري جو ڇتو پارو.
منهنجي چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته مني سينيما مان ماڻهن تي خراب اثر پون ٿا پر ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به آهن جن تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي ٿي سگهي ٿو ان جي اڌڻ سان اسان اڳتي هلي ڪري ڪنهن وڏي مصيبت ۾ نه ڦاسون.*
This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan
No comments:
Post a Comment