Article
By Tanveer ul Haq
اسان جانورن پکين ۽ جيتن جڻن جي زندگي جو سڌو تعلق ماحول سان آهي. هن ڪائنات ۾ وجود رکندڙ هر شيءِ جو تعلق هڪ ٻئي سان آهي. ايئن کڻي چئجي ته هي سڀئي شيون هڪٻئي تي ڀاڙين ٿيون. انسان جي زندگي مان جيڪڏهن جانور، پکي، وڻ، جبل، درياءُ ۽ سمنڊ ساٿ ڇڏي ڏين ته انسان جو وجود باقي نه رهندو ان ڪري پنهنجي زندگي برقرار ۽ سُکي رکڻ لاءِ ماحول کي بچائڻ لازمي آهي.
مسلسل ڪيترن ئي سالن کان جنهن نموني سان وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي ان جو دنگ خبر ناهي ڪٿي ٿيندو. وڻ جيڪي رڳو سونهن ۽ ڇانوءَ نه ٿا ڏين پر انهن کانسواءِ انسانن ۽ حيوانن جو زنده رهڻ به ممڪن نه آهي. وڻن جي پوکائي سان ڪلر ۽ سم ۾ به گھٽتائي اچي ٿي. ۽ گهڻي کان گهڻا وڻ پوکڻ سان هوا ۾ گدلاڻ جو خاتمو اچي ٿو پر اسان وٽ ڏينهون ڏينهن وڻن جي واڍي جي ڪري هوا ۾ گدلاڻ جو اضافو ٿي رهيو آهي ڪارخانن، گاڏين ۽ سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهون هوا کي گدلو ڪري ٿو جنهن سبب سهڪ، ڦڦڙن، چمڙي ۽ دل جون بيماريون ٿين ٿيون ۽ ٻيلن کي وري ڪائنات جا ڦڦڙ چيو ويندو آهي ۽ ڌرتي جي گولي تي هر ساهواري شيءِ جو جيئاپو ٻئي ساهواري سان ڳنڍيل آهي. جي اسان پکين کان وڻ کسيندا رهياسين ته خود اسان جي پيرن هيٺيان به زمين نه رهندي. خبر ناهي ڇو هر روڊ رستي تي وڍيل وڻن جون ٽراليون وس وارن کي نظر نه ٿيون اچن. جنهن نموني ۽ جيتري سطح تي گڊو ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻيلن کان وٺي سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن جي ٻيلن کي ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ناس ڪري انهن ٻيلن جي واڌي شروع ڪئي وئي. ان جي تفتيش ڪرائبي ته ملوث ماڻهو انهن ڌاڙيلن کان به وڌيڪ ڏوهاري ثابت ٿيندا. درياءَ جي يا ڪچي جي ٻيلن جي ڀينگ ڪرڻ بعد هاڻ واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تان وڻ وٺجي رهيا آهن ۽ ماڻهو وڻ وٺي شهر اڏي رهيا آهن.
اسان اختيارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ملڪ جي ٻيلا ۽روڊ رستن کي ٻيهر وڻن سان
سينگاريو وڃي ۽ ملڪ جي ماڻهن کي انهن خطرناڪ بيمارين کان بچايو وڃي جيڪي ماحول ۾ گدلاڻ سبب ڦهلجن ٿا.
هاڻي اعلا اختيارن کي انهي نازڪ مسئلي خلاف ڪي انتهائي اهم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي نه ته اهي وڻ جيڪي اسان جي جيئڻ جو سهارو آهن اهي مڪمل طور تباهه ۽ ختم ٿي ويندا.*
This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan
No comments:
Post a Comment