Pages

Thursday, April 15, 2010

مختار احمد مھر Profile




Profile

Prof. Mukhtair Ahmed Mehar
By Ghulam Asghar Tunio

دنيا ۾ ڪيترائي شخص ماڻھن جي دل ۾ پنھنجا ڪيل ڪارناما ڇڏي ۽ چِٽي ويا آھن. جو ھر شخص انھن کي ڏسڻ ۽ ملڻ جي آس رکندو آھي ۽ اھو سلسلو اڄ به جاري آھي ۽ ھميشه جاري رھندو ھر انسان پنھنجي اخلاق ۽ ڪم جي لحاظ سان سڃاتو ويندو آھي. تن مان ڊاڪٽر اسسٽنٽ پروفيسر مختار احمد مھر به ھڪ آھي، جنھن پنھجي زندگي ۾ لڳاتار محنت ڪري پنھجو مقصد حاصل ڪيو، مختيار احمد مھر 30 نومبر 1973ع ۾ شڪارپور جي ميراڻي محله ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني مان حاصل ڪئي جنھن جي چوڌاري مڇين جي واپارين جا مرڪز آھن، ننڍي ھوندي کان کيس مڇين سان دلچسپي ۽ ان جي پالڻ سان لڳاءُ ٿي ويو مڊل ۽ ھاءِ اسڪول جي تعليم اسڪول نمبر ٽو مان حاصل ڪئي انٽرميڊيٽ جي تعليم سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي.

ڪنگ بروليس جو مثال ڏسي محنت ۽ ڪوشش جاري رکي ڇو ته محنت ۽ ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آھي ڇو ته جيڪو ڪوريئڙو جبل تي چڙھڻ ۾ ڇھ دفا ناڪام ٿيو آخر ۾ ڪامياب ٿي ويو ان کان پوءِ بي ايس سي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز شعبي سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۽ فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.



1997ع ۾ فشريز سروي پروجيڪٽ ايل بي او ڊي سانگھڙ ۽ چوٽياريون ريزو، واٽر ٽائڊل لنڪ ليڪ ضلعي بدين تي ڪم ڪيو ۽ ھڪ سال لاءِ ريسرچ آفيسر رھيو بعد ۾ 1998ع ۾ پروگرام جي ڪاميابي جي تڪميل بعد شعبي فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز شعبي 2001ع ۾ ايسوسيئيٽ ريسرچ طور ڪم سر انجام ڏنائين. 2001ع ۾ ليڪــچــرار طــور جــوائــن ڪــيــائين 2004ع جي ڪانووڪيشن ۾ ڊاريڪٽوريٽ يعني پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪيائين ان سان گڏوگڏ ايڪٽو ريسرچ جي دوران ٻٽيھ پبليڪيشن عالمي ۽ ملڪي ساک وارن رسالن ۾ ۽ جرنلن ۾ ريسرچ پيپر شايع ٿيندا رھيا آھن.

ريسرچ دوران ٽي اليڪٽوپيراسائيٽ ڪاپي پورڊ جاندار نوان ڳوليا اھن جيڪي سائنس جي دنيا ۾ پھريون نمبر يعني پھريون دفعو انٽر ڪيون ويون آھن ان سان گڏو گڏ سترنھن مائڪرو اسڪوپڪ ذوب لنڪٽران پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو رڪارڊ ڪيون ويو آھن منڇر ڍنڍ، ڪينجھر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ، نرڙي ڍنڍ، ريگون ڍنڍ، چوٽي واري ريزو واٽر جي ماحولياتي گدلاڻ ۽ مڇين جي پراڊڪشن تي به ڪم ڪيو اٿن ان کان علاو ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي انڊس فار آل پروگرام ۾ واٽر ڪوالٽي ۽ فشريز پوٽينشل لاءِ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن ٽيچنگ دوران ٻن ايم فل اسڪالرن کي ڪاميابي سان ٿيسز مڪمل ڪرائي ڊگري يافته ڪيو آھي.


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

No comments:

Post a Comment