Pages

Thursday, April 15, 2010

Profile of Hayat Ali Shah - Sindhi: by Poonam


Profile
Hayat Ali Shah

By Poonam Laghari
وڏيون خواهشون رکڻ ۽ آسمان جا تارا لاهڻ هر انسان جو خواب هوندو آهي. پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي تمام ننڍيون خواهشون رکندا آهن ۽ پوري ٿيڻ تي خوش ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي ذات جي دائري تائين محدود نه رهندا آهن پر پنهنجي آس پاس رهندڙ هر جاندار کي ايترو ئي حق ڏيندا آهن. جيڪو سندن مالڪ جو ڏنل هوندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو زندگي جي هر باريڪ پهلو کي ايتري ئي باريڪ بيني سان ڏسن ٿا. جيڪي عام ماڻهو نٿا ڏسي سگهن.

جڏهن ته حيات علي شاهه جهڙا ماڻهو زندگي جي حقيقت سان هر وقت آشنا رهن ٿا. ۽ پنهنجا احساس ۽ تجربا ماڻهن تائين ادب جي مختلف صنفن ذريعي پهچائيندا رهندا آهن. ۽ عام ماڻهو جي حياتي کي با مقصد بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪن ٿا. حيات علي شاهه بخاري پنهنجي زندگي جا ورهيه اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڏنا آهن ۽ اڃا به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. سندن پيدائش 12 اپريل 1947ع ۾ هٽڙي جي ڳوٺ حيدرآباد ۾ ٿي. سندن والد هڪ پوليس آفيسر هو. حيات شاهه کي اداڪاري جو تمام گهڻو شوق هو.

پي ٽي وي جي پروڊيوسر هارون رند ميڊيا ڏانهن ڌيان ڇڪايو. جنهن سبب تعليم متاثر ٿي ۽ تعليم مڪمل نه ڪري سگهيس ۽ فقط انٽر پاس ڪيو. سندن ڪيريئر جو آغاز 1967ع کان ٿيو ۽ پهرين ريڊيو پاڪستان تي هڪ آرٽسٽ طور ڪم ڪيو ان دؤران لکڻ جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيائون ۽ 100 کان وڌيڪ ريڊيو تي ڊرامه لکيائون جيڪي اڄ تائين ڪنهن به ليکڪ نه لکيا اهن. اهي ڊراما تمام گهڻا مقبول ٿيا. 100 کان به وڌيڪ ڊراما لکڻ سبب کين نالو ”ورلڊ رڪارڊ“ ۾ هئڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو. مختلف ٽي وي چئنل لاءِ ڊراما پڻ لکيائون، جنهن ۾ پي ٽي وي لاءِ خواب ۽ خواهشون، سولو پليز ۽ سنڌ ٽي وي لاءِ پڻ ڊراما لکيائون، جن مان چنڊ گرهڻ هلندڙ آهي. پاڻ نه فقط سنجيده ڊرامه لکيائون پر مزاحيه ڪهاڻين ۾ به سندن ڪو مٽ نه آهي. مزاحيه ڪهاڻيون لکڻ تي کين تمام سٺي موٽ ملي. مهراڻ ٽي وي فيوز ٽريڪ هلندڙ آهي ۽ مهراڻ ٽي وي لاءِ پڻ هڪ مزاحيه ڊرامو لکيو اٿن جيڪو چار قسطن تي مشتمل آهي. پاڻ سنڌي فلم ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريائون، جنهن ۾ هڪ ليکڪ، ڪو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. جتي سندن هميشه ڪوشش هئي ته سنڌي فلمن ۾ سنڌي ڪلچر نمايان ٿئي. سندن هر فلم سنڌي ڪلچر تي مشتمل آهي. جيجل ماءُ، رت جا رشتا ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائون ۽ رت جي راند ۾ اچانڪ کين اداڪاري ڪرڻي پئي ڇاڪاڻ ته ان وقت هڪ آرٽسٽ وقت تي نه پهچي سگهيو.

هڪ سرائڪي فلم ”ڌيان نمائيان“ ۾ پڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي لاهور هليا ويا. اهو سندن گولڊن پيريڊ هو، ۽ اتي جي ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ سٺي موٽ حاصل ڪيائون. اها فلم به ڪلچر تي مشتمل هئي. جنهن سبب رليون، دلا، کٽون وغيره سنڌ مان ئي کڻي وڃڻا پيا ته جيئن فلم ۾ سنڌي ڪلچر نمايان ڪري سگهن. پوءِ سنڌي فلمن جو بجيٽ وڌيڪ هجڻ ڪري کين اهو سلسلو اتي ئي ختم ڪرڻو پيو ۽ حڪومت به ڪو تعاون نه ڪيو ۽ سئنيما گهر آهستي آهستي بند ٿي ويا. پاڻ پنجابي فلم ۾ ڊائريڪشن پڻ ڪيائون. خام وطن، ڪاوش ۾ سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائون ۽ عبرت ۾ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جو ڪم جاري رکيو پيا اچن. عبرت به چهنڊڙيون ۽ سنڊي ايڊيشن ۾ ڪالم پڻ لکندا آهن. سندن چوڻ آهي ته عبرت ۾ خوش آهيان پر جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ موقعو مليو ته ضرور ڪم ڪندس. سندس زندگي جو دلچسپ واقعو هن ريت آهي ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي صدر جي سئنيما ۾ هڪ انگريزي فلم ”ورلڊ وار“ چڙهيل هئي، جنهن کي ڏسڻ جو کين تمام گهڻو شوق جاڳيو. محبوب عالم ۽ ظفر جهانگير به ساڻن گڏ هئا. پئسا تمام گهٽ هجڻ هنن کي يا ته فلم ڏسڻي هئي يا ماني کائڻي هنن پنهنجي پيٽ کي بک ڏئي به اها فلم ڏٺي. آخر ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته بکيا رهنداسين، پر فلم لازمي ڏسنداسين. پاڻ هٿن سان ڪمپوزنگ جو ڪم ڪيائون، پر ڪڏهن به پنهنجي فرض کان نه ڪيٻايائون. تمام گهڻيون تڪليفون کين درپيش آيون پر همت نه هاريائون ۽ اڳتي وڌندا ويا.

حيات علي شاهه تمام حساس طبعيت جا مالڪ ۽ کائڻ جا تمام گهڻا شوقين آهن. سندن پسنديده گل گلاب آهي. پاڻ ليکڪ اشفاق احمد ۽ ان جي زال کان تمام گهڻو متاثر آهن، سندن پيغام آهي ته شاگرد جيڪي ميڊيا ۾ اچڻ چاهين ٿا اهي تمام گهڻي سخت محنت ڪئي ۽ پنهنجي ڪلچر کي اجاگر ڪن. حيات شاهه کي زندگي مان ڪا به شڪايت نه آهي. هو انهيءَ مقام تي تمام گهڻا خوش آهن.


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

No comments:

Post a Comment