Pages

Friday, April 9, 2010

Maut Dehn Wathi Vinder Mitho Zahar

Drugs....Slow Poison
Article By: Bilqees Fatima






نشو هڪ اهڙو مٺو زهر آهي، جيڪو انسان کي اندران اُڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو. چوندا آهن ته ڪنهن قوم جي وجود کي ختم ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم کسي ان کي نشي جهڙي لعنت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، اسان جي ملڪ ۾ به نشي جو واهپو تمام گهڻو ٿي چڪو آهي، خاص ڪري سنڌ جون موجوده حالتون به ائين ئي ٿي چڪيون آهن، تعليم جي تباهي سان گڏ اسان جي سماج اندر نشي جو واهپو تمام خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي.

سنڌ جي اندر خاص ڪري 1980ع کان پوءِ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن کي هٿي ڏني وئي، توهان سنڌ جي ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃو يا ٻهراڙين ۾ وڃو، توهان کي نشي جو واهپو تمام گهڻي حد تائين ڏسڻ ۾ ايندو، خاص ڪري هيروئن جي اچڻ کانپوءِ ڪئين خاندانن جا نوجوان نشي جي واهپي سبب تباهه ٿي ويا، توهان اڪثر شهرن جي چوراهن ۽ ڪچرن جي ڍيرن تي سري عام هيروئن جو استعمال ڪندي ماڻهن کي ڏسي سگهو ٿا، پر حڪومت جي ايڏي ته بيحسي آهي، جو انهن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي، نه ئي انهن جو علاج ڪرايو وڃي ٿو.

سنڌ جي اندر خاص ڪري هيروئن جي استعمال سبب ڪيترن ئي مائن جون جهوليون خالي ٿي چڪيون آهن، ڪيترائي نوجوان هيروئن جي سبب تڙپي تڙپي موت جي ور چڙهي وڃن ٿا. انهن سان گڏ انهن جا گهر ڀاتي به تمام گهڻو ڀوڳين ٿا. ڇو جو هيروئن وقت تي نه ملڻ تي هيروئني پنهنجورت کپائڻ سان گڏ گهر، پاڙي وارن جي چوري ڪرڻ گڏ شهرن ۾ پنڻ کان به نه مڙندا آهن. جنهن جي ڪري انهن جا خاندان به معاشري ۾ ذهني طرح تمام ڀوڳين ٿا. انهن سڀني متاثر ماڻهن کي ان موضي مرض مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو، ان لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا.

سڀني نشي وارين شين جي وڪري ۽ رسد تي مڪمل ضابطو آڻجي. جيڪي ماڻهو نشو واپرائين ٿا انهن کي نشي جي تباهه ڪارين کان واقف ڪيو وڃي، انهن جي ذهنن جو برين واش ڪري سٺي طرح علاج ڪري، سٺي ۽ باعزت شهري بنائڻ جي ترغيب ڏني وڃي، جيئن هو پنهنجي انمول زندگي سٺي طرح گذارين، ائين عملي قدم سان ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ونين جا سهاڳ مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ کان بچي وينديون، ان لاءِ حڪومت کانسواءِ معاشري جو هر لکيل پڙهيل فرد به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

1 comment:

  1. THis is same like Wajeeha's peice. It alos lacks information, figures, examples etc

    ReplyDelete