Pages

Friday, April 9, 2010

Jacobabad Tower




سنڌ جي ھيٺين علائقي ۾ موجود ھن گهنٽا گهر کي تاريخي اهميت حاصل آهي. انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ھن عمارت کي تاريخ جا 163 سال گذري چڪا آھن، پوءِ به ھي عمارت ساڳيءَ جڳھ تي موجود آھي ۽ِ ھن جي حيثيت به ھڪ الڳ نموني سان ضروري آھي ڇو ته دنيا ۾ تارِيخي جاين يا ماڳن جو ھئڻ ئي ان لاءِ آھي ته نئين دور جي نسل انھن آثار قديمن کي ڏسي ڪجھ سکي ۽ حاصل ڪري سگھن، جھڙي طرح پوري دنيا ۾ ھزارين اھڙا ماڳ مثال آھن جن کي تاريخ ۾تمام بھترين طريقي سان ورجايو وڃي ٿو ۽ اھڙن حيرت انگيز ماڳن کي ڏسي انساني دماغ دنگ رھجي وڃن ٿا ته ڪنھن وقت کان ھنن جو به ھن تيز ترين ھلندڙ دنيا سان ڪو لاڳاپو اھڙي طرح سان جڙي ويندو جو ھلندڙ دور انهن کي تاريخن ۾ ورجايو ويندو ته سوين سال پھرين ھت ھي ھوندو ھو ۽ ان وقت ۾شايد ئي اسان موجود نه ھونداسين پر اسان کان پوءِ اسان ڳنڊيل ھر ھڪ شيءِ تاريخن جا ورڪ بڻجي ويندي جھڙي طرح اسان گذريل تاريخن کي ڏسي پڙھون ۽سمجھون ٿا.
ھن عمارت جو سنگ بنياد رکندڙ برگيڊيئر جنرل جان جيڪب ھو جنھن جي پيدائش 11 جنوري 1812ع ۾ ولا ونگٽن جي ملڪ سمرسٽ انگلينڊ ۾ ٿي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم پنھجي والد کان پرائي، پوءِ ھن ڪميشن پاس ڪري 1828ع ۾ انگلينڊ کان نڪتا ۽ ٻيھر واپس ڪڏھن به انگلينڊ نه وڃي سگھيو، ھن انڊيا کان ھلي اچي پاڪستان جي سنڌ جي علائقي جي ڳوٺ خان ڳڙھ ۾ پھتا ۽ اتي پنھنجو ٺڪاڻو اڏايائون ۽ ان کان پوءِ ھتي جنرل جان جيڪب جي اچڻ کان پوءِ ئي خان ڳڙھ جو نالو جيڪب آباد پيو ۽ اتي ھنن گھنٽا گھر جو بنياد رکيو ۽ سندن نالو ”وڪٽوريا ٽاور“ رکيائون جيڪو ھنن راڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ اڏرايو. ھي ٽاور پوري شھر جي وچ تي اڏيل آھي جنھن کي شھر جي دل ڪري به سڏيو وڃي ٿو. ھن کي ٺاھڻ ۾ سيمينٽ جي جڳھ تي چوني ۽ مٽي جو استعمال ڪيو ويو جنھن جي سبب ھي عمارت تمام مضبوط آھي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ھي عمارت اڄ به شھر جي وچ ۾ مضبوطي سان اڏيل آھي.
ھن وقت ان موجود تاريخي ماڳ جي اھڙي حالت آھي جو ان کي ڪو ماڻھو ڏسڻ به پسند ڪونه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ھاڻ ان ٽاور جي چؤطرف سبزي مارڪيٽ ۽ فروٽ مارڪيٽ اڏجي وئي آھي ۽ جنهن جي ڪري اُتي سبزي ۽ فروٽ جو تمام گھڻو گند ڪچرو جمع ٿئي ٿو، صبح جي وقت ٻھراڙي جي ماڻھن جي تمام گھڻي رش ٿئي ٿي، ان جاءِ تي پير رکڻ جي جاءِ به ڪونه ٿي ملي، جڏھن صبح جو وقت ٿئي ٿو ته آس پاس جا ٻروچ اچي جمع ٿين ٿا ۽ سڄو ڏينھن اتي انھن جي رش ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ٽاور جي ڀرسان ھڪ ڍڪيل بازار به ٺھيل آھي جتي اڪثر ڪري بلوچ خريداري ڪندي گهڻو نظر ايندا آهن. ان بازار ۾ انھن جي ضرورت جي ھرشيءِ موجود ھجي ٿي تنھن ڪري ٽاور جي چوڌاري تمام گهڻو ميلو متل رهي ٿو ۽ مٿان وري گڏھ گاڏن جي سواري پوءِ پورو شھر پيو اُٻري ماڻھو ھڪڙا اچن ٿا ته ٻيا وڃن ٿا، سبزي ۽ فروٽ جي گندگي سبب شھر جا رولاڪ جانور به اچن ٿا اتي خراب فروٽ کائڻ لاء جيڪو فالتو ڪري اڇلايو وڃي ٿو.
ان ڪري ھاڻ اھو گھنٽا گھر وڪٽوريا ٽاور نه پر گڏھن جي پڙي ۽سبزي منڊي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويئي آھي ان عظيم الشِان پراڻي ۽ قديم ماڳ جي چڱي طرح سنڀال نه پئي ڪئي وڃي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي ھلي اسان کي ھن تاريخي ماڳ کان ھٿ ڌوئڻو پوي ڇو ته جنهن شيءِ جي مالڪي يا وارثي نه هوندي آهي. اها بيڪار ٿي پوندي آهي پوءِ اها ڊھڻ ۽ ڪِرڻ شروع تي ويندي آھي ۽ ڪافي پراڻين ماڳن جيان اتي ختم ٿي ويندي آھي جئين اُتي ڪجھ به موجود نه ھو.
اھڙي طرح سنڌ جي حڪومت کي پنهنجي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اڏيل قديم آثارن ۽ جڳھن جي چڱي طرح خيال رکڻ گھرجي ۽ انھن کي ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ مثال طور بچايو وڃي ته جيئن نئين نسل پنھنجي پراڻي ۽ قديم زماني جي ريتن رسمن ۽ رھائش کان چڱي طرح واقف ٿئي. ۽ ڪجھ سبق حاصل ڪري سگهي.*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

No comments:

Post a Comment