Pages

Friday, April 9, 2010

Sindh ja Sardar ain Baradari Jhera






Article by: Riaz Ali
جيئن ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن، تيئن ئي سنڌ جا سردار به سنڌ جي ثقافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ مختلف برادريون رهن ٿيون، هر هڪ برادري کي پنهنجو الڳ اڳواڻ يا سردار آهي ته جيئن جيڪي مسئلا ٿين ٿا انهن مسئلن کي حل ڪرائي ۽ جيڪڏهن ان برادري جو ڪنهن ٻي برادري سان تڪرار يا اختلاف ٿئي ته هو پنهنجي برادري جي اڳواڻي ڪري ۽ ٻي برادري سان صلح ڪرائي.

اڳئين زماني ۾ سردار پنهنجي قوم جي عزت رکڻ خاطر پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪڏهن ان جي برادري سان ڪا واردات، ٿيندي هئي ته ان جو ازالو ٿيندو هو، ان جي ڪري اڳئين زماني ۾ هر ڪنهن جي عزت، جان ۽ مال حفاظت ۾ هوندا هئا.

اڳئين زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو قتل ٿيندو هو، ته هوءَ ٻي ڌر کي بدلو وٺڻ کان روڪيندا هئا ۽ چڱي طرح جاچ پڙتال ڪري صلح ڪرائيندا هئا ۽ معاملي کي ٺاري ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪندا هئا، جيڪڏهن اڃا به ڪا ڌر ان ٺاهه تي راضي نه ٿيندي هئي ته پوءِ اهي سردار پنهنجي ذاتي ملڪيت خرچ ڪري ان ڌر کي راضي ڪري وٺندا هئا، ۽ ائين هوءَ پنهنجي برادري کي ڪنهن وڏي تباهي ٿيڻ کان بچائي وٺندا هئا.



سردار ڏسندا هئا ته جيڪڏهن ان جي برادري ۾ ڪي غريب ماڻهو هوندا هئا، ته هوءَ انهن غريب ماڻهن جي ڏکئي وقت ۾ سهارو بڻجندا هئا، ان جي ڪري ئي ماڻهو پنهنجي سردارن سان محبت ڪندا هئا ۽ سردارن تي سِر به گهوري ڇڏيندا هئا.

پر اڄ جا سردار ظالماڻي سوچ رکن ٿا جيڪي پنهنجي برادري جي ترقي ۽ خوشحالي کي نه ٿا ڏسن.

انهن کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آهن، اڄ جا سردار پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پوءِ ڇو نه ڀلي انهن کي پنهنجي برادري کي پاڻ ۾ ويڙهائڻو پوي، انهن جي چوري ڪرائڻي پوي يا کڻي ڪنهن جو قتل ڪرائڻو پوي. هو اهڙي ڪمن ۾ ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪندا آهن، شايد اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪن ٿا جو انهن جي دلين مان انسانيت ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي معصوم نياڻين جي جذبات جو خيال نه ٿا رکن، هوءَ پندرهن سالن جي معصوم نياڻين کي 60 سالن جي پوڙهن سان پرڻائي ڇڏين ٿا ۽ انهن جي خوابن جهڙي دنيا کي اجاڙي جهنم جهڙي زندگي ڏانهن موڪلي ڇڏين ٿا.

اڄ جا سردار تمام ننڍي سوچ رکندڙ، انهن کان ڪنهن غريب ماڻهو جي ترقي برداشت نه ٿي ٿئي، انهن جو اهوئي خيال هوندو آهي ته سڀاڻي ڪو غريب ماڻهو اسان جي سامهون نه اٿي بيهي. انهن جو پهريون قدم اهو هوندو آهي ته هو پنهنجي علائقي جي اسڪولن کي يا ته بند ڪرائي ڇڏيندا آهن، يا پنهنجون اوطاقون بڻائي ڇڏيندا آهن، ته جيئن علائقي جا ماڻهو تعليم حاصل نه ڪري سگهن ۽ انهن جي غلامي ڪندا رهن.

اڄ اسان جي هن پياري امن واري سنڌ ڌرتي تي جيڪي قبائلي تڪرار ٿي رهيا آهن انهن کي وڌائڻ ۾ سردارن جو وڏو هٿ آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته اهي قبائلي تڪرار پيدا ئي سردار جي ڪري ٿين ٿا. جڏهن به ڪي ٻه ڌريون قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿينديون آهن ته سردار پنهنجا ماڻهو موڪلي انهن مان ڪنهن هڪ ڌُر کي ڀڙڪائيندا آهن يا وري ڪنهن هڪ ڌُر جو ماڻهو قتل ڪرائي الزام ٻي ڌر تي هڻائي ڇڏيندا آهن، انهن سردارن جي ڪري ئي قبائلي تڪرار اڄ تائين ختم نه ٿي سگهيا آهن. ۽ ڏينهون ڏينهن اهي تڪرار پيچيدا مسئلو بڻجندا ٿا وڃن، انهن تڪرارن جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ٿي رهيا آهن، ڪيتريون ئي عورتون بيواهه ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترا ئي گهر اجڙي رهيا آهن.

قبائلي تڪرارن کان علاوه اغوا، وارداتون، ڦرون، چوري، ڌاڙا ۽ ڪاروڪاري جهڙي فضول رسم ۾ سردارن جو وڏو هٿ آهي.

اهو سڀ ڪجهه آخر ڪيستائين هلندو رهندو؟ هن سهڻي سنڌ تي آخر ڪڏهن امن قائم ٿي سگهندو؟ آخر ان جو حل ڇا آهي؟ ڀٽائي رحه جي هن بيت وانگر مان صرف دعا ئي ڪري سگهان ٿو.

”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

No comments:

Post a Comment