Pages

Sunday, April 25, 2010

سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي واري حيثيت



Article
By Khalid Jamali

سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي واري حيثيت ته گهڻو وقت اڳ ملي هئي پر اڃا تائين اُن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. 97 سالن تائين دفتري ۽ سرڪاري ٻولي رهندڙ سنڌي کي سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۽ ادارن مان ڄڻ ته نيڪالي مليل آهي. 29 آگسٽ 1857ع ۾ برٽش سرڪار سنڌي ٻولي کي قومي، تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو هو. 97 سالن تائين سنڌي ٻولي کي پرڳڻي ۾ دفتري ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو رهيو. 14 آڪٽوبر 1954ع تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌي ٻولي کان دفتري ٻولي واري حيثيت کسجي وئي. ايوب خان جي دؤر ۾ ٻولي بابت سمورا فيصلا واپس وٺي سنڌي کي ميٽرڪ تائين لازمي ڪيو ويو. 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪئي ويئي ۽ ٻولي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي بڻايو ويو پر اُن تي صحيح معنيٰ ۾ عمل اڄ تائين ٿي نه سگهيو آهي، جيڪا سنڌي ٻولي سان وڏي ناانصافي آهي.

وفاق جي بيورو آف ڪريڪيولم پاران فيصلو ڪيو ويو هو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌي پڙهائي ويندي هئي جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان اردو پڙهائي ويندي هئي پر سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اُن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار ته لاپرواهه بڻيل آهي پر اسان جا عالم، اديب، سڄاڻ ڌريون به خاموش آهن. جيڪڏهن اسان جون علمي، ادبي توڙي سياسي ڌريون اُن سلسلي ۾ ڪو آواز اٿارين ها ته شايد سنڌي ٻولي عملي طور دفتري ٻولي به بڻجي سگهي ها ۽ سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ آسان سنڌي ۽ آسان اردو واري فارمولي تي به عمل ٿي سگهي ها.اسان جي سڄاڻ ڌرين پاران ٻولي واري معاملي تي لاتعلقي جي ڪري سنڌي ٻولي کي سندس جائز حيثيت ملي ناهي سگهي. 29 آگسٽ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي واري حيثيت ملي هئي پر اُن ڏينهن تي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن مان ڪنهن به ٻولي جي حوالي سان ڪا تقريب نه ڪئي هئي. گذريل سال سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي هئي ۽ اُن سلسلي ۾ ڪانفرنسون ڪرايون، گڏجاڻيون ڪيون، ٺهراءُ منظور ڪرايا ۽ ملڪ جي صدر کي مختلف ماڻهن جي صحيحن سان ڪارڊ موڪليا ويا. سنڌي ادبي سنگت جي اُن مهم سان ڪافي جاڳرتا پيدا ٿي پر مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو، اُن اهم مسئلي تي سنڌ جون سڀئي سڄاڻ ڌريون، عالم، اديب، استاد، شاگرد توڙي سنڌ جون سياسي پارٽيون گڏيل نموني آواز اٿارين ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ۽ دفتري ٻولي طور رائج ٿيڻ تائين لڳاتار جدوجهد جاري رکي وڃي ته يقينن ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي به اردو (لازمي) پڙهائي وڃي ٿي اُن جو وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو جو سنڌي شاگرد اردو ۾ اوترو هوشيار نه ٿو ٿي سگهي جيترو اردو ڳالهائيندڙ ٿئي ٿو. بورڊ جي امتحان ۾ سنڌي شاگرد اردو واري سبجيڪٽ ۾ ڌڪ کائن ٿا، جنهن جي ڪري انهن جي مجموعي نتيجي تي تمام وڏو اثر پوي ٿو. ڪجهه پرائيويٽ اسڪولن ۾ ايڏو انڌير لڳو پيو آهي جو سنڌي ٻارن کي آسان سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، جڏهن ته آسان سنڌي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي پڙهائڻ گهرجي. سنڌ جو تعليمي کاتو به اُن اهم معاملي تي ڪو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌي ٻولي کي قومي ۽ دفتري ٻولي بنائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ طئه ٿيل اصول تحت سنڌي ٻارن کي آسان اردو ۽ اردو وارن ٻارن کي آسان سنڌي پڙهائڻ واري معاملي تي وڌيڪ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي کي اُن فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن، جيئن اسان جي ٻارڙن سان ٿيندڙ ناانصافي کي به روڪي سگهجي ۽ ساڳي وقت سنڌي ٻولي سان ٻه اکيائي وارن روين ۾ به تبديلي آڻي سگهجي. اسان مان هر ماڻهوءَ تي اهو فرض آهي ته ٻولي واري معاملي تي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ۽ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪيون. سنڌي ادبي سنگت کي ٻولي واري مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻيهر مهم شروع ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ نه رڳو سرڪار کي ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي پر سنڌ جي هر فرد کي به جاڳائڻ جي ضرورت آهي جيئن اهي هن نيڪ ۽ قومي ڪم جو سگهارو حصو بڻجي سگهن.

سنڌي ٻولي جيتري قديم، شاهوڪار، خوبصورت ۽ تاريخي آهي اوتري ئي پوئتي پيل آهي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري کي ڀرپور ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻولي کي قومي ۽ سنڌ جي دفتري ٻولي واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ گهرجي.*

Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

No comments:

Post a Comment