Pages

Sunday, March 28, 2010

Western Media by Ishrat Jarwar


Article by: Ishrat Jarwar

جڏهن ڳالهه سنڌ جي اچي ٿي ته جيڪا ذهني، سماجي، شعوري، ثقافتي ۽ هر قسم جي افراتفري آهي ۽ مٿان وري فوج ڪشيون ڪرپٽ جمهوريتون لساني قومي فساد ۽ وفاق جون ارهه زورايون مطلب ته مسئلن جا انبار آهن تاريخ مسخ ٿي چڪي آهي، ڪوڙي شهرت حاصل ڪرڻ جي آڙ ۾ اسان پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي ثقافت وڃائي ويٺا آهيون.

جڏهن اسان ڳالهه ڪيون ٿا سنڌي ثقافت جي ته ذهن ۾ هڪ خوبصورت خاڪو ٺهي ايندو آهي، ٽوپي، اجرڪ مردن لاءِ وڏيون وڏيون سلوارون، عورتن لاءِ نهايت خوبصورت گج ڀريل چولا، گربي جون سلوارون ٻاڌئڻ جون گنديون شادي جون خوبصورت رسمون ڳوٺن ۾ هر شام جو اوطاق تي چانهه يا لسي سان گڏ ڪچهريون، هر گهر ۾ صبح جو سوير جهوجهو ماٽي جو آواز، زمين ۾ هر هلائيندڙ هاري، انهيءَ پياري ماحول ۾ جيترو لسي سان ماني کائڻ جو مزو ايندو آهي ايترو ڪنهن فائيو اسٽار به نه ايندو آهي.

انهن ننڍڙين شين ۾ جيڪو سڪون ملندو آهي اهو محل ۾ رهڻ سان به نٿو ملي ڪلچر ته اڄ به اسان جو اهو ئي آهي پر سوچڻ جي ڳالهه آهي پوءِ سڪون ڇو نه رهيو آهي؟ ڇو اڄ ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي ويو آهي.

آخر سبب ڇا آهي؟ سنڌي ماڻهن کي ٻين جي نظرن ۾ ڪيرائڻ ۾ سنڌي ميڊيا جو وڏو هٿ رهيو آهي.

سنڌي چئنلن تي ايندڙ هر ڊرامي ۽ فلم جي هڪ ئي ڪهاڻي هلندي ته وڏيرا ظالم آهن ۽ ان جي ظلمن کان تنگ ٿي ڪري ڪو غريب ڌاڙيل ٿي ويندو آهي يا وري سڱاوتي تڪرار، ڪاروڪاري جي جهيڙن ۾ پيءُ پٽ ۽ ڀاءُ پنهنجي سڳي ڀاءُ جو خون پيو ڪري مان ائين نه ٿي چوان ته جيڪي قصا ڪهاڻيون ڊرامن ۾ ڏيکاري رهيا آهن اهي ڪوڙا آهن، هزارين سالن کان ائين ٿيندو آيو آهي ۽ اڄ تائين به اهو سڀ ٿي رهيو آهي جنهن جي خبر صبح جو اخبار پرهندڙ هر ماڻهو کي هو ملي ويندي آهي.

سنڌ ۽ ميڊيا کي کپي صرف ٽوپي اجرڪ يا سنڌو جو ڏهاڙو ملهائڻ سان گڏوگڏ هو پنهنجي طاقت ۽ عقل سان سچي سنڌي هجڻ جو فرض ادا ڪن. جيڪڏهن اسان جي سماج ۾ اڄ تائين اهي مسئلا آهن ته ماڻهن جي ذهنن کي تبديل ڪن ها پر ائين ته ڪجهه به نه ٿيو جيڪي ماڻهو انهن قصن کان واقف نه هئا انهن کي به سنڌي ميڊيا ڏيکاريو ته اسان ڌاڙيل آهيون غيرت جي نالي تي اسان پنهنجا رت جا رشتا قتل ڪري ٿا ڇڏيون. اها جهالت هر چئنلن تي واضح ڏيکاري رهيا آهن. جڏهن اهي ڊراما ۽ فلمون سنڌي ماڻهو ڏسندا آهن ته سمجهن ٿا اسان جي عزت پئي ٿي، پر جڏهن ٻيا ماڻهو ڏسندا آهن ته اهي سنڌين کان نفرت ڪندا آهن، اسان جو ايترو خوبصورت ڪلچر هجڻ باوجود اڄ اسان ويسٽرن ڪلچر ۽ انڊين ڪلچر جا غلام ٿي ويا آهيون.

ٿوري دير لاءِ صرف سوچيو ڇا اسان جي ڪلچر کان وڌيڪ ويسٽرن ۽ انڊين ڪلچر خوبصورت آهي؟ اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي جنهن ۾ تن ڍڪڻ لاءِ پورا ڪپڙا به نه آهن اهو خوبصورت ڪيئن ٿي ويو؟ اصل ڳالهه ميڊيا جي آهي انهن جي ميڊيا ايتري ته پاور فل آهي جو ماڻهن کي مجبور ڪري ڇڏيو اٿس انهن جو ڪلچر اپنائڻ لاءِ، ٿورو غور ڪجو دوستو! ڪڏهن توهان ڪنهن انڊيا جي فلم يا ڊرامي ۾ ڏٺو آهي ڪنهن ماڻهو کي سنڌي ڊريس پاتل هجي يا ڪنهن ويسٽرن ميڊيا ۾ ائين ڏٺو آهي. يقيناً ڪنهن به نه ڏٺو هوندو ڇو ته بيوقوف هو نه اسان آهيون.

سنڌي چئنلن تي هلندڙ گانن ۽ پروگرامن ۾ ساڙي ۽ جينس پائڻ به عام ٿي وئي آهي. سنڌي ميڊيا ڪلچر بچائي رهي آهي يا تباهه ڪري رهي آهي اهو ته غور فڪر ڪندڙ هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو اسان وٽ ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي آهي جو اڄ اسان ٻين ملڪن ۽ ٻين جي ڪلچر جا محتاج ٿي ويا آهيون. ٽيلينٽ ٻولي، ڪلچر، معدنيات ۽ سون جهڙيون زمينون هر شيءِ اسان وٽ موجود آهي جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي آهي ته اهو عقل آ الله پاڪ اسان کي هر شيءِ سان نوازيو آهي بس اسان عقل جو استعمال صرف فضول ڳالهين ۽ فضول ڪمن ۾ ڪيون ٿا. پنهنجي عقل جي ڏور يورپين ملڪن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي. حيف آهي اسان جي زندگي تي هر شيءِ هجڻ باوجود ٻين جا محتاج آهيون.*..


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Weekly Roshni -- Also visit http://www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

1 comment:

  1. I absolutely agree with you Ishrat.....
    Sindhi media is not portraying the true image of Sindhi culture......in fact it is most negative one.
    Nice Effort!!!

    S.Ahsan

    ReplyDelete