Pages

Friday, April 9, 2010

Khoob Mehnat Karain Gay aur Zindigi Achay kaam ma Waqf karain gay

Interview
Khoob Mehnat Karain Gay aur Zindigi Achay kaam ma Waqf karain gay : Dr Mohammad Yusuf Memon
 ڈاکٹر محمد یونسف میمن کا انٹرویو : ذوالفقار منگریو 

By:Zulfiqar Ali


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

Aab e Hayat ya Aab e Marg


 آب حیات یا آب مرگ ۔ تحریر: وجیہ صنم 

Feature
By Wajeeha Sanam


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

From Carpenter to Assistant Manager : Faiyaz Ahmed Butt

Profile of Faiyaz Ahmed Butt
 کارپینٹر سے اسسٹنٹ منیجر تک: تحریر : ایاز کھوسو
By: Ayaz Khoso


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

Maut Dehn Wathi Vinder Mitho Zahar

Drugs....Slow Poison
Article By: Bilqees Fatima






نشو هڪ اهڙو مٺو زهر آهي، جيڪو انسان کي اندران اُڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو. چوندا آهن ته ڪنهن قوم جي وجود کي ختم ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم کسي ان کي نشي جهڙي لعنت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، اسان جي ملڪ ۾ به نشي جو واهپو تمام گهڻو ٿي چڪو آهي، خاص ڪري سنڌ جون موجوده حالتون به ائين ئي ٿي چڪيون آهن، تعليم جي تباهي سان گڏ اسان جي سماج اندر نشي جو واهپو تمام خطرناڪ حد تائين پهچي چڪو آهي.

سنڌ جي اندر خاص ڪري 1980ع کان پوءِ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن کي هٿي ڏني وئي، توهان سنڌ جي ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃو يا ٻهراڙين ۾ وڃو، توهان کي نشي جو واهپو تمام گهڻي حد تائين ڏسڻ ۾ ايندو، خاص ڪري هيروئن جي اچڻ کانپوءِ ڪئين خاندانن جا نوجوان نشي جي واهپي سبب تباهه ٿي ويا، توهان اڪثر شهرن جي چوراهن ۽ ڪچرن جي ڍيرن تي سري عام هيروئن جو استعمال ڪندي ماڻهن کي ڏسي سگهو ٿا، پر حڪومت جي ايڏي ته بيحسي آهي، جو انهن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي، نه ئي انهن جو علاج ڪرايو وڃي ٿو.

سنڌ جي اندر خاص ڪري هيروئن جي استعمال سبب ڪيترن ئي مائن جون جهوليون خالي ٿي چڪيون آهن، ڪيترائي نوجوان هيروئن جي سبب تڙپي تڙپي موت جي ور چڙهي وڃن ٿا. انهن سان گڏ انهن جا گهر ڀاتي به تمام گهڻو ڀوڳين ٿا. ڇو جو هيروئن وقت تي نه ملڻ تي هيروئني پنهنجورت کپائڻ سان گڏ گهر، پاڙي وارن جي چوري ڪرڻ گڏ شهرن ۾ پنڻ کان به نه مڙندا آهن. جنهن جي ڪري انهن جا خاندان به معاشري ۾ ذهني طرح تمام ڀوڳين ٿا. انهن سڀني متاثر ماڻهن کي ان موضي مرض مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو، ان لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا.

سڀني نشي وارين شين جي وڪري ۽ رسد تي مڪمل ضابطو آڻجي. جيڪي ماڻهو نشو واپرائين ٿا انهن کي نشي جي تباهه ڪارين کان واقف ڪيو وڃي، انهن جي ذهنن جو برين واش ڪري سٺي طرح علاج ڪري، سٺي ۽ باعزت شهري بنائڻ جي ترغيب ڏني وڃي، جيئن هو پنهنجي انمول زندگي سٺي طرح گذارين، ائين عملي قدم سان ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ونين جا سهاڳ مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ کان بچي وينديون، ان لاءِ حڪومت کانسواءِ معاشري جو هر لکيل پڙهيل فرد به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

Sindh ja Sardar ain Baradari Jhera






Article by: Riaz Ali
جيئن ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن، تيئن ئي سنڌ جا سردار به سنڌ جي ثقافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ مختلف برادريون رهن ٿيون، هر هڪ برادري کي پنهنجو الڳ اڳواڻ يا سردار آهي ته جيئن جيڪي مسئلا ٿين ٿا انهن مسئلن کي حل ڪرائي ۽ جيڪڏهن ان برادري جو ڪنهن ٻي برادري سان تڪرار يا اختلاف ٿئي ته هو پنهنجي برادري جي اڳواڻي ڪري ۽ ٻي برادري سان صلح ڪرائي.

اڳئين زماني ۾ سردار پنهنجي قوم جي عزت رکڻ خاطر پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪڏهن ان جي برادري سان ڪا واردات، ٿيندي هئي ته ان جو ازالو ٿيندو هو، ان جي ڪري اڳئين زماني ۾ هر ڪنهن جي عزت، جان ۽ مال حفاظت ۾ هوندا هئا.

اڳئين زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو قتل ٿيندو هو، ته هوءَ ٻي ڌر کي بدلو وٺڻ کان روڪيندا هئا ۽ چڱي طرح جاچ پڙتال ڪري صلح ڪرائيندا هئا ۽ معاملي کي ٺاري ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪندا هئا، جيڪڏهن اڃا به ڪا ڌر ان ٺاهه تي راضي نه ٿيندي هئي ته پوءِ اهي سردار پنهنجي ذاتي ملڪيت خرچ ڪري ان ڌر کي راضي ڪري وٺندا هئا، ۽ ائين هوءَ پنهنجي برادري کي ڪنهن وڏي تباهي ٿيڻ کان بچائي وٺندا هئا.



سردار ڏسندا هئا ته جيڪڏهن ان جي برادري ۾ ڪي غريب ماڻهو هوندا هئا، ته هوءَ انهن غريب ماڻهن جي ڏکئي وقت ۾ سهارو بڻجندا هئا، ان جي ڪري ئي ماڻهو پنهنجي سردارن سان محبت ڪندا هئا ۽ سردارن تي سِر به گهوري ڇڏيندا هئا.

پر اڄ جا سردار ظالماڻي سوچ رکن ٿا جيڪي پنهنجي برادري جي ترقي ۽ خوشحالي کي نه ٿا ڏسن.

انهن کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آهن، اڄ جا سردار پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پوءِ ڇو نه ڀلي انهن کي پنهنجي برادري کي پاڻ ۾ ويڙهائڻو پوي، انهن جي چوري ڪرائڻي پوي يا کڻي ڪنهن جو قتل ڪرائڻو پوي. هو اهڙي ڪمن ۾ ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪندا آهن، شايد اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪن ٿا جو انهن جي دلين مان انسانيت ختم ٿي چڪي آهي، جيڪي معصوم نياڻين جي جذبات جو خيال نه ٿا رکن، هوءَ پندرهن سالن جي معصوم نياڻين کي 60 سالن جي پوڙهن سان پرڻائي ڇڏين ٿا ۽ انهن جي خوابن جهڙي دنيا کي اجاڙي جهنم جهڙي زندگي ڏانهن موڪلي ڇڏين ٿا.

اڄ جا سردار تمام ننڍي سوچ رکندڙ، انهن کان ڪنهن غريب ماڻهو جي ترقي برداشت نه ٿي ٿئي، انهن جو اهوئي خيال هوندو آهي ته سڀاڻي ڪو غريب ماڻهو اسان جي سامهون نه اٿي بيهي. انهن جو پهريون قدم اهو هوندو آهي ته هو پنهنجي علائقي جي اسڪولن کي يا ته بند ڪرائي ڇڏيندا آهن، يا پنهنجون اوطاقون بڻائي ڇڏيندا آهن، ته جيئن علائقي جا ماڻهو تعليم حاصل نه ڪري سگهن ۽ انهن جي غلامي ڪندا رهن.

اڄ اسان جي هن پياري امن واري سنڌ ڌرتي تي جيڪي قبائلي تڪرار ٿي رهيا آهن انهن کي وڌائڻ ۾ سردارن جو وڏو هٿ آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته اهي قبائلي تڪرار پيدا ئي سردار جي ڪري ٿين ٿا. جڏهن به ڪي ٻه ڌريون قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿينديون آهن ته سردار پنهنجا ماڻهو موڪلي انهن مان ڪنهن هڪ ڌُر کي ڀڙڪائيندا آهن يا وري ڪنهن هڪ ڌُر جو ماڻهو قتل ڪرائي الزام ٻي ڌر تي هڻائي ڇڏيندا آهن، انهن سردارن جي ڪري ئي قبائلي تڪرار اڄ تائين ختم نه ٿي سگهيا آهن. ۽ ڏينهون ڏينهن اهي تڪرار پيچيدا مسئلو بڻجندا ٿا وڃن، انهن تڪرارن جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ٿي رهيا آهن، ڪيتريون ئي عورتون بيواهه ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترا ئي گهر اجڙي رهيا آهن.

قبائلي تڪرارن کان علاوه اغوا، وارداتون، ڦرون، چوري، ڌاڙا ۽ ڪاروڪاري جهڙي فضول رسم ۾ سردارن جو وڏو هٿ آهي.

اهو سڀ ڪجهه آخر ڪيستائين هلندو رهندو؟ هن سهڻي سنڌ تي آخر ڪڏهن امن قائم ٿي سگهندو؟ آخر ان جو حل ڇا آهي؟ ڀٽائي رحه جي هن بيت وانگر مان صرف دعا ئي ڪري سگهان ٿو.

”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

Jacobabad Tower




سنڌ جي ھيٺين علائقي ۾ موجود ھن گهنٽا گهر کي تاريخي اهميت حاصل آهي. انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ھن عمارت کي تاريخ جا 163 سال گذري چڪا آھن، پوءِ به ھي عمارت ساڳيءَ جڳھ تي موجود آھي ۽ِ ھن جي حيثيت به ھڪ الڳ نموني سان ضروري آھي ڇو ته دنيا ۾ تارِيخي جاين يا ماڳن جو ھئڻ ئي ان لاءِ آھي ته نئين دور جي نسل انھن آثار قديمن کي ڏسي ڪجھ سکي ۽ حاصل ڪري سگھن، جھڙي طرح پوري دنيا ۾ ھزارين اھڙا ماڳ مثال آھن جن کي تاريخ ۾تمام بھترين طريقي سان ورجايو وڃي ٿو ۽ اھڙن حيرت انگيز ماڳن کي ڏسي انساني دماغ دنگ رھجي وڃن ٿا ته ڪنھن وقت کان ھنن جو به ھن تيز ترين ھلندڙ دنيا سان ڪو لاڳاپو اھڙي طرح سان جڙي ويندو جو ھلندڙ دور انهن کي تاريخن ۾ ورجايو ويندو ته سوين سال پھرين ھت ھي ھوندو ھو ۽ ان وقت ۾شايد ئي اسان موجود نه ھونداسين پر اسان کان پوءِ اسان ڳنڊيل ھر ھڪ شيءِ تاريخن جا ورڪ بڻجي ويندي جھڙي طرح اسان گذريل تاريخن کي ڏسي پڙھون ۽سمجھون ٿا.
ھن عمارت جو سنگ بنياد رکندڙ برگيڊيئر جنرل جان جيڪب ھو جنھن جي پيدائش 11 جنوري 1812ع ۾ ولا ونگٽن جي ملڪ سمرسٽ انگلينڊ ۾ ٿي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم پنھجي والد کان پرائي، پوءِ ھن ڪميشن پاس ڪري 1828ع ۾ انگلينڊ کان نڪتا ۽ ٻيھر واپس ڪڏھن به انگلينڊ نه وڃي سگھيو، ھن انڊيا کان ھلي اچي پاڪستان جي سنڌ جي علائقي جي ڳوٺ خان ڳڙھ ۾ پھتا ۽ اتي پنھنجو ٺڪاڻو اڏايائون ۽ ان کان پوءِ ھتي جنرل جان جيڪب جي اچڻ کان پوءِ ئي خان ڳڙھ جو نالو جيڪب آباد پيو ۽ اتي ھنن گھنٽا گھر جو بنياد رکيو ۽ سندن نالو ”وڪٽوريا ٽاور“ رکيائون جيڪو ھنن راڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ اڏرايو. ھي ٽاور پوري شھر جي وچ تي اڏيل آھي جنھن کي شھر جي دل ڪري به سڏيو وڃي ٿو. ھن کي ٺاھڻ ۾ سيمينٽ جي جڳھ تي چوني ۽ مٽي جو استعمال ڪيو ويو جنھن جي سبب ھي عمارت تمام مضبوط آھي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ھي عمارت اڄ به شھر جي وچ ۾ مضبوطي سان اڏيل آھي.
ھن وقت ان موجود تاريخي ماڳ جي اھڙي حالت آھي جو ان کي ڪو ماڻھو ڏسڻ به پسند ڪونه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ھاڻ ان ٽاور جي چؤطرف سبزي مارڪيٽ ۽ فروٽ مارڪيٽ اڏجي وئي آھي ۽ جنهن جي ڪري اُتي سبزي ۽ فروٽ جو تمام گھڻو گند ڪچرو جمع ٿئي ٿو، صبح جي وقت ٻھراڙي جي ماڻھن جي تمام گھڻي رش ٿئي ٿي، ان جاءِ تي پير رکڻ جي جاءِ به ڪونه ٿي ملي، جڏھن صبح جو وقت ٿئي ٿو ته آس پاس جا ٻروچ اچي جمع ٿين ٿا ۽ سڄو ڏينھن اتي انھن جي رش ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ٽاور جي ڀرسان ھڪ ڍڪيل بازار به ٺھيل آھي جتي اڪثر ڪري بلوچ خريداري ڪندي گهڻو نظر ايندا آهن. ان بازار ۾ انھن جي ضرورت جي ھرشيءِ موجود ھجي ٿي تنھن ڪري ٽاور جي چوڌاري تمام گهڻو ميلو متل رهي ٿو ۽ مٿان وري گڏھ گاڏن جي سواري پوءِ پورو شھر پيو اُٻري ماڻھو ھڪڙا اچن ٿا ته ٻيا وڃن ٿا، سبزي ۽ فروٽ جي گندگي سبب شھر جا رولاڪ جانور به اچن ٿا اتي خراب فروٽ کائڻ لاء جيڪو فالتو ڪري اڇلايو وڃي ٿو.
ان ڪري ھاڻ اھو گھنٽا گھر وڪٽوريا ٽاور نه پر گڏھن جي پڙي ۽سبزي منڊي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويئي آھي ان عظيم الشِان پراڻي ۽ قديم ماڳ جي چڱي طرح سنڀال نه پئي ڪئي وڃي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي ھلي اسان کي ھن تاريخي ماڳ کان ھٿ ڌوئڻو پوي ڇو ته جنهن شيءِ جي مالڪي يا وارثي نه هوندي آهي. اها بيڪار ٿي پوندي آهي پوءِ اها ڊھڻ ۽ ڪِرڻ شروع تي ويندي آھي ۽ ڪافي پراڻين ماڳن جيان اتي ختم ٿي ويندي آھي جئين اُتي ڪجھ به موجود نه ھو.
اھڙي طرح سنڌ جي حڪومت کي پنهنجي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اڏيل قديم آثارن ۽ جڳھن جي چڱي طرح خيال رکڻ گھرجي ۽ انھن کي ايندڙ نسلن لاءِ ھڪ مثال طور بچايو وڃي ته جيئن نئين نسل پنھنجي پراڻي ۽ قديم زماني جي ريتن رسمن ۽ رھائش کان چڱي طرح واقف ٿئي. ۽ ڪجھ سبق حاصل ڪري سگهي.*

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

Education system in Sindh



Education system in Sindh


By Kaleemullah Kalhoro

In today's world, education is not what it is supposed to be. I think that we should first look over the main aim of education before giving any statement on this topic. As I take it, the education is meant to serve many purposes. It should enable the student to look the world in a different perspective than just living in it.

Education is preparing a person to face everyday life problems. It changes our personality and way of talking and education helps us to live in this world and to understand it. This is only education which enables you to give your opinion. Think, if u didn't go to school, could you criticize your education system? I think that life without education is a waste in today's world.

If you notice, half of what we learn in school isn't needed at all. The education system in Sindh puts more emphasis on the theoretical knowledge than the practical. A student from the very beginning of education is forced to copy up the things rather than to understand the thoughts.

Our education system has been under the curse of cramming where memorizing has more importance than understanding. In the higher studies as we know the condition is the same. Instead of acquiring school education, they are simply learning cramming by copying the answers and writing the same in their exams.

Today all the educated, moneymaking parents want to give their child best education for that they go to popular schools but they never check teacher who gives education. We believe that modern education system is very efficient. A child is sent to school only at the age of four where his teachers give him moral education. Moral education is all about making a human being understand what type of education is best for him and for the society.

Higher education in Sindh is broke, where students are given importance on neither theories nor practical education, so they lack the actual knowledge. Today we give more importance on theoretical education than practical. We simply memorize the text we are provided and copy that as it is in the examinations just to gain marks.

Presently we are loosing our education quality level because of some reasons; I personally feel that the money-makers (private schools) are the vital reason to loose our quality of education because they provide education only affordable for the rich, but not to our poor people. In Sindh there is a lot of number of unregistered private schools which only made for money-making. There are approximately 1543 unregistered private schools operating in Sindh.

According to Senior Minister for Education Pir Mazharul Haq that 9,122 registered and 1,543 unregistered private schools are operating in Sindh province. there are 5,359 registered and 563 unregistered schools in Karachi; 878 registered and 336 unregistered in Hyderabad; 222 registered and 25 unregistered in Sukkur; 307 registered and 56 unregistered in Mirpurkhas; 441 registered and 65 unregistered in Khairpur; 140 registered and 67 unregistered in Larkana; 217 registered and 35 unregistered in Benazirabad (Nawabshah); 192 registered and 62 unregistered in Ghotki; 128 registered and 31 unregistered in Jamshoro; 131 registered and 24 unregistered in N. Feroze; 107 registered and 34 unregistered in Dadu; 132 registered and 27 unregistered in Badin; 201 registered and 32 unregistered in Sanghar; 94 registered and 15 unregistered in Thatta; 39 registered and eight unregistered in Matiari; 42 registered and seven unregistered in Tando Muhammad Khan; 79 registered and 16 unregistered in Tando Allahyar; 79 registered and 44 unregistered in Umerkot; 79 registered and 16 unregistered in Mithi; 60 registered and 10 unregistered in Kambar, Shahdadkot; 63 registered and 30 unregistered in Shikarpur; 67 registered and nine unregistered in Jacobabad; 65 registered and 31 unregistered in Kashmore, Kandhkot.

The system has to be changed according to the age groups of students. The primary students are given very much burden in many schools. The education should give them the proper course structure which should be a must in all schools. This has to change right from primary education to graduation levels.
The system of examinations has to be changed by all admissions given by money power so poor who have good marks did not get admission in their choice of study. Education is the most fundamental factor of one's social and economic success in life. Learning in school makes us to know how to interact with different people of society. This not only helps in our career growth.
Government should support those people who are talented, and government should support them working for the society. Our government should adopt the learning techniques which are useful for the children in this competitive world, government must work on those things before it gets too late.

This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit weeklyroshni.com

S.Ahsan