Pages

Thursday, April 15, 2010



Interview
Asad Qureshi ( Sadoro )

By Zohaib Qureshi



Also visit www.weeklyroshni.com[ The practical work done under supervision of renowned journalist Sir Sohail Sangi] 
S.Ahsan

مختار احمد مھر Profile




Profile

Prof. Mukhtair Ahmed Mehar
By Ghulam Asghar Tunio

دنيا ۾ ڪيترائي شخص ماڻھن جي دل ۾ پنھنجا ڪيل ڪارناما ڇڏي ۽ چِٽي ويا آھن. جو ھر شخص انھن کي ڏسڻ ۽ ملڻ جي آس رکندو آھي ۽ اھو سلسلو اڄ به جاري آھي ۽ ھميشه جاري رھندو ھر انسان پنھنجي اخلاق ۽ ڪم جي لحاظ سان سڃاتو ويندو آھي. تن مان ڊاڪٽر اسسٽنٽ پروفيسر مختار احمد مھر به ھڪ آھي، جنھن پنھجي زندگي ۾ لڳاتار محنت ڪري پنھجو مقصد حاصل ڪيو، مختيار احمد مھر 30 نومبر 1973ع ۾ شڪارپور جي ميراڻي محله ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ريلوي ڪالوني مان حاصل ڪئي جنھن جي چوڌاري مڇين جي واپارين جا مرڪز آھن، ننڍي ھوندي کان کيس مڇين سان دلچسپي ۽ ان جي پالڻ سان لڳاءُ ٿي ويو مڊل ۽ ھاءِ اسڪول جي تعليم اسڪول نمبر ٽو مان حاصل ڪئي انٽرميڊيٽ جي تعليم سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي.

ڪنگ بروليس جو مثال ڏسي محنت ۽ ڪوشش جاري رکي ڇو ته محنت ۽ ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آھي ڇو ته جيڪو ڪوريئڙو جبل تي چڙھڻ ۾ ڇھ دفا ناڪام ٿيو آخر ۾ ڪامياب ٿي ويو ان کان پوءِ بي ايس سي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز شعبي سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ۽ فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.



1997ع ۾ فشريز سروي پروجيڪٽ ايل بي او ڊي سانگھڙ ۽ چوٽياريون ريزو، واٽر ٽائڊل لنڪ ليڪ ضلعي بدين تي ڪم ڪيو ۽ ھڪ سال لاءِ ريسرچ آفيسر رھيو بعد ۾ 1998ع ۾ پروگرام جي ڪاميابي جي تڪميل بعد شعبي فريش واٽر بائيولاجي ۽ فشريز شعبي 2001ع ۾ ايسوسيئيٽ ريسرچ طور ڪم سر انجام ڏنائين. 2001ع ۾ ليڪــچــرار طــور جــوائــن ڪــيــائين 2004ع جي ڪانووڪيشن ۾ ڊاريڪٽوريٽ يعني پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪيائين ان سان گڏوگڏ ايڪٽو ريسرچ جي دوران ٻٽيھ پبليڪيشن عالمي ۽ ملڪي ساک وارن رسالن ۾ ۽ جرنلن ۾ ريسرچ پيپر شايع ٿيندا رھيا آھن.

ريسرچ دوران ٽي اليڪٽوپيراسائيٽ ڪاپي پورڊ جاندار نوان ڳوليا اھن جيڪي سائنس جي دنيا ۾ پھريون نمبر يعني پھريون دفعو انٽر ڪيون ويون آھن ان سان گڏو گڏ سترنھن مائڪرو اسڪوپڪ ذوب لنڪٽران پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو رڪارڊ ڪيون ويو آھن منڇر ڍنڍ، ڪينجھر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ، نرڙي ڍنڍ، ريگون ڍنڍ، چوٽي واري ريزو واٽر جي ماحولياتي گدلاڻ ۽ مڇين جي پراڊڪشن تي به ڪم ڪيو اٿن ان کان علاو ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي انڊس فار آل پروگرام ۾ واٽر ڪوالٽي ۽ فشريز پوٽينشل لاءِ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن ٽيچنگ دوران ٻن ايم فل اسڪالرن کي ڪاميابي سان ٿيسز مڪمل ڪرائي ڊگري يافته ڪيو آھي.


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

Waan Aj ba Rozgar Jo Zario مڃ جو واڻ




Feature
By Manzoor Ahmed

قديم زماني کان وٺي اسان جي سنڌ سڌريل ۽ هنرن ۾ مشهور رهي آهي، هتي جا مرد محنتي زالون سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن، خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جون عورتون جيڪي مختلف هنرن، جيئن رلين ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، ٽوپين ٺاهڻ، ڪپڙا سبڻ ته ڪٿي واڻ ٺاهڻ جو هنر اسان جي سنڌ ۾ ڪافي اهڙيون عورتون پڻ آهن جيڪي انهن هنرن کان محروم آهن اهي وري پنهنجي گهر جي ڪم ڪار سان گڏوگڏ پنهنجي ورن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائن ٿيون، واڻ جو هنر سنڌ جي تاريخ جو تمام قديمي هنر آهي.

هن هنر جي شروعات سنڌ ۾ اڄ کان چوڏنهن سئو سال پهريان ٿي جڏهن اميرحمزه، جيڪي عربستان جا وڏا واپاري هئا، سندن واپار اٺن ذريعي مختلف ملڪن ۾ ڪيو ويندو هيو، سندن واپار بلوچ قوم ڪندي هئي، سندن وصال کان پوء بلوچ قوم مڪه کان مديني، عراق کان ۽ ايران رستي بلوچستان ۾ آباد ٿيا، انهي دور ۾ بلوچ قوم کي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ڪو ذريعونه هيو تنهن لا انهن پيش نالي جابلو ٻوٽي کي استعمال ڪيو جنهن کي وڍي ان مان واڻ ۽ ڪافي ائٽم ٺاهي، انهن کي وڪرو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا، بعد ۾ بلوچ قوم جا ڪجهه خاندان، خانداني تڪرار سبب بلوچستان کان سنڌ ڏانهن هجرت ڪرڻ لڳا، اهڙي طرح اهو هنر سنڌ ۾ عام جام ٿيڻ لڳو، هينئر اهو هنر دادو ضلعي، ٽنڊوالهيار، هالا شهرن جي ٻهراڙين ۾ عام جام ڪيو ويندو آهي، جيڪو بلوچ قوم جي مخصوص ڪميونٽي جون عورتون پنهنجي تهذيب کي برقرار رکندي، اڄ جي تيز رفتار دور ۾ انهي هنر کي هٿي وٺرائي رهيون آهن، واڻ ٻن قسمن جي قدرتي ٻوٽين مان تيار ڪيو ويندو آهي سَرَ (ڪانهن ) جنهن مان مُڃ جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، مڃ جو واڻ اهي عورتون تيار ڪنديون آهن، جيڪي تمام گهڻيون مجبور ۽ لاچار عورتون هونديون آهن، اهو انهي ڪري جو سرَ (ڪانهن) بنا رقم جي مليو وڃي، رڳو ڏانٽن ذريعي لڻڻو پوندو آهي، جنهن لا واهن ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپ تي وڃڻ جي ضرورت پوندي آهي، سرَ کي ڪاٺ جي ٿُڙن تي ڪُٽي انهن جون تندون ڪري پاڻي سان پسائي، هٿن ذريعي وٽيو ويندو آهي، بعد ۾ انهن کي ڪجهه وفقي کان پوء ڪل ذريعي پهچايو ويندو آهي، اهڙي طرح مڃ جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي ، مڃ جو واڻ هالا تعلقي ۾ تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي وڃي خريد ڪندا آهن، هي واڻ صفائي ۽ سٿرائي ۽ رنگ جو ڀورو هئڻ ڪري پنهنجو اگهه پاڻ ٻڌائيندو آهي.

واڻ جو ٻيو نالو پيش نالي هڪ جابلو ٻوٽي مان تيار ڪيو ويندو آ هي، هي هڪ قدرتي ٻوٽي آهي جيڪا هزارن سالن کان بلوچستان جي جابلو علائقن جنهن ۾ ڪولو بار کان، رڪني ۽ لس ٻيلي جي علائقن ۾ عام جام ٿيندي آهي، انهن علائقن جا رهواسي ان ٻوٽي کي لوهه جي سخت اوذارن وسيلي لڻي جابلو چوٽين ۽ ميدانن مان خچرن ۽ گڏهن ذريعي روڊن تائين پهچائيندا آهن بعد ۾ ٽرڪن ذريعي حب چوڪي ۽ ٻين رستن کان ملڪ جي انهن علائقن تائين پيش پهچائي سٺو ناڻو ڪمايو ويندو آهي، هي پيش تڏن ٺاهڻ ، ٻهارن ٺاهڻ ۽ خاص ڪري واڻ جي هنر لا نهايت ڪارائتي ٻوٽي آهي، ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڳوٺ الهه بخش ارباب جيڪو پيش جي واڻ جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، هي هنر مجيداڻا ڪميونٽي جون مخصوص عورتون هڪ سئو سال کان پنهنجي روايتن ۽ رسمن کي برقرار رکندي انهي هنر کي هٿي وٺرائي رهيون آهن، جتي آرڊر تي واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، هتي ٽن قسمن جو واڻ تيار ڪيو ويندو آهي، پهرين نمبر جو واڻ بالڪل سنهو جيڪو مڃ جي واڻ کان به باريڪ هوندو آهي، ڏسڻ واري جي ڏندن ۾ آڱريون اچيو وڃن ته ڪهڙي مهارت سان تيار ڪيو ويو آهي، ٻيو ۽ ٽيون نمبر واڻ جيڪو عام جام ٺاهيو ويندو آهي، پيش جو واڻ، مڃ جي واڻ ٺاهڻ کان مشڪل آهي، جنهن لا تمام گهڻن مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي، پهرين ته پيش جي ڦڙهن کي باريڪ (سنهو) ڪري، انهن جون 2 کان 3 ڪلو جون موڙهيون ٺاهي انهن موڙهين کي ٻڌو ويندو آهي، بعد ۾ زمين ۾ لڳل پٿر سان ڪٽيو ويندو آهي، اهي موڙهيون ڳري تندون ٿي وڃن انهن کي پاڻي سان پسائي هٿن سان وٽيو ويندو آهي، بعد ۾ انهن کي چرکين ۽ ڪلن ذريعي وٽ ڀري تيار ڪيو ويندو آهي، پسيل هئڻ ڪري سج جي روشني ذريعي 5 کان 6 ڪلاڪ سڪايو ٻٻرن ۽ ڪاٺ جي ٿڙن تي گسائي، ڪينچي ذريعي بج لاهي تيار ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح واڻ پنهنجي اصل شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي، شروع کان وٺي آخر تائين هڪ مڻ واڻ تيار ڪرڻ ۾ هڪ عورت کي 15 ڏينهن لڳندا آهن، ايتري محنت ۽ جفاڪشي جي باوجود انهن عورتن کي ايترو اجورو نٿو ملي جيتري محنت انهي ڪم ۾ ٿيل هوندي آهي. سنڌ جي هن هنر توڙي ٻيا گهرو هنر جن تي اسان کي فخر آهي، تن کي ترقي وٺائي وڃي انهن جي محنت جو اجورو، محنت کي ڏسي ادا ڪيو وڃي، جنهن سان عورتن جي انهي هنر ۾ دلچسپي رجهان وڌي وڃي، ان سان گڏوگڏ واڻ جي هنر کي رڳو بلوچ ڪميونٽي تائين محدود نه رکيو وڃي بلڪه پوري سنڌ ليول تي هٿي وٺرائي وڃي.


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

Mini Cinema Culture مني سينيما



Article

By Zafar Hussain Shah

اسان سنڌي جيترا مهمان نواز هئاسين اوترا ئي اڄ به آهيون
ها پر اڄ اسان جون اوطاقون ۽ اسان جون ٻنيون هن سائنس جي ترقيءَ کسي ورتيون آهن تنهن هوندي به اسان ان سائنس جي ترقيءَ کي به ساڻ کڻي هلڻ جي ڪوشش ۾رڌل آهيون جنهن جو واضع مثال اڄ ڪلهه توهان کي هر ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم جي شڪل ۾ ايندو اهو هجوم نه اوطاق نه اوتاري تي ۽ نه ئي ڪنهن لانڍي ۾ نظر ايندو پر اهو سائنس جي وجھ سان هڪ رنگين اسڪرين جي اڳيان ويٺل ۽چانهه جي سپ مٿان ۽سگريٽ جو سوٽو هڻندڙ ڳوٺ جي هوٽل تي نظر ايندو دنيا جي پريشانين، بيروزگارين، پاڻي جي اڻاٺ، سياست جي داءُ ۽ پيچن کان بالاتر، سنجي دت، اڪشي ڪمار ۽ سني ديول جي بهترين ايڪشن موويز ڏسندي ۽ تفريح ڪندي ملندو. ان مني سينيما اسڪرين تي اونهاري جي منجهند جي ڇِتي جهولي کان بچاءُ جو ذريعو ۽ سياري جي پاري کان ڍڪ هوندو آهي. بيروزگاري جون سوچون گھٽائڻ لاءِ ۽ مائٽن جي روڪ ٽوڪ کان اتي ويٺا ملندا آهن.

اوطاقون ته سائنس جي ترقي ختم ڪري ڇڏيون آهن اهي صرف موت جي ڏينهن ۾ تڏو ڪري ويهڻ ۽ شادي جي خوشين ۾ استعمال ٿينديون آهن. باقي مهمان نوازي ته هوٽلن تي به ويهي ڪري سگهجي ٿي. جيڪا هوٽل تي مهمان کي چانهه پياري ڪندا آهن. پري کان ڪو دوست ڏسندا ته پاڻ اچڻ سان ئي ٻنهي جو وڏو ڀاڪر لڳي ويندو ڄڻ ته هو ڪافي صديون بعد مليا هجن. رومال ڪلهي تي ٽوپي نڙاڙ تي وڏو بوٽ پاتل پيو هوندو ”او چانهه وارا جلدي دودهه پتي چانهه کڻي آ، ها نظام (فلاڻا) ڇا هال آهن، ڪٿي آهين، نظر ئي ڪونه پي آئين، وڏا حوال ڏئي“ گهر ۾ لڀي کائڻ لاءِ اٽو ڪونه، ٻارن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونه، پيرن ۾ چپل ڪونهي، ڪمائڻ لاءِ گهر واري لاباري ۽ ٿريشر تي ۽ هي همراهه ٻول جي مٿان ٻول پيو ٻڌائي پاڻ سينيما تي فلمون ڏسندي ٽائيم پاس ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينهن مولا مالڪ آهي نه ته کڻي رات جو ڪنهن جي گهر تي ڌاڙو ته ڪي وري نلڪن مان بلٽ چورائيندا نظر ايندا، ڪي وري گاڏين جي ڦر تي ته ڪي وري واٽر سپلاءِ جا ٽرانسفارمر چورايندا وتندا، ڪجهه وري مال جي واڙي مان مينهون، ٻڪريون يا ڍڳيون ڪاهي وڃن ٿا. پيرو ڏس ته حجي شفو جي گهر جو. حاجي شفو ته اڳي ئي قران هٿ ۾ سڌو سائين امام علي شاهه جي اوطاق تي سائين مرشد مون سان ظلم مان توهان جو نوڪر،خادم، هاري مون سان ظلم پيو ٿي مطلب ته وچ تي مال اڃا ٻيو پير کنيو پيو وڃي اڄ ڪلهه جي معاشري ۾ ڄڻ ته مني سينيما هڪ ڪلسٽر جيان ٿي وئي آهي جتي اڄ اوطاقن بجاءِ مني سينيما تي ويهڻ کي ماڻهو وڌيڪ پسند ڪن ٿا. پر اتي ويهڻ سان نه صرف انهي جا عادي ٿين ٿا بلڪ آهستي آهستي ٻين به براين ۾ پئجي وڃن ٿا. جتي ماڻهو سگريٽ، ڀنگ چرس ۽ آفيم جو عادي ٿيو وڃي.

هڪ ٻيو سوال به اڀري ٿو آدم شماري وڌڻ سان انسانن جا خيالات اهڙين شين ڏانهن ٿي وڃن ٿا ها اهي به پنهنجي جا تي صحيح آهن جيڪڏهن گهر جا ماڻهو وڌي ٿا وڃن ۽ ڪمائڻ وارو هڪ آهي ته پوءِ عورت کي بلڪل حق آهري ته اهي به گهر کي هلائن پر ائين به ته ناهي نه ته گهر کي هلائڻ واري عورت ۽ مرد هوٽلن تي! يا وري اهڙي قسم جا به واقعا اڄڪلهه وڌي ويا آهن ته پئسو هوندي به ان کي اجايو سجايووڃائڻ ي کڻي چئجي ته پئسي جو ذيان يا پئسي کي اڏائڻ ها اڄ ڪلهه جا نوجوان ائين به چاهين ٿا ته بلي بابو قرضي هجي پر اهو نوجوان منهنجو بوٽ ته لازمي آ ته پالش هجي گھٽ ۾ گھٽ سئو رپيا منهنجي کيسي ۾ هجن روز نئون ڪاٽن جو وڳو هجي آئون ڏاڙهي به پاڻ نه لاهيندس اها به حجم کان ڪرائيندس ۽ N series سيٽ هجي ان کان علاوه هڪآزار کڻي چئجي ته اهو آهي بيروزگاري ته اهو تمام گھڻو، ۽ ان جو حل به لازمي آهي ته بيروزگاري جي ڪري ئي اڄ ڪلهه جا پڙهيل لکيل نوجوان وڃي مني سينيما جهڙين جاين تي مجبور ٿين ٿا. اهو ان جي ڪري جو جيڪو سرڪاري ملازم آهي اهو پنهنجون شيون پنهنجي اولاد کي ڏيڻ جا خواهشمند ٿين ٿا. ته ان جي ڪري موجوده جيڪي نوجوان آهن جنهن ۾ ڪيترا ئي نوجوانن کي وري ميرٽ تي نه ملڻ ڪر انهن جاين تان تي وڃڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو يا ڪجهه اهڙا نوجوان به هوندا آهن جيڪي گهر جي مجبورين يا مائٽن جو چئو چوا جي ڪري اهڙين خراب عادتن تي فائز ٿين ٿا. يا کڻي ائين چئجي ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اهڙي معاشري ۾ رهي ڪري خراب سنگت جا اثرات پئجي وڃڻ جي ڪري خراب عادتن ۾ ڦاسن ٿا.

سنڌي ميڊيا جيڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته ان ۾ عام ماڻهو سان گڏ سنڌي ميڊيا جو به ڪجهه حد تائين خراب اثر ماڻهن تائين پهچن ٿا. هنن ڊرامن ڪجهه اهڙا قصا ٿين ٿا انهن جا اثرات اسان جي معاشري ۾ ته نٿا پيا اچن جهڙي طرح هي ڪهاڻيون آهن.

سچ پڇو ته اڄ ڪلهه هوٽلنگ ئي هڪ بهترين روزگار آهي جيڪو ايترو ڪاروبار ڪري ٿو جيڪو ئي ٻيو ڪو ڪندو هجي. اڄڪلهه ڳوٺن ۾ اهو واحد ادارو آهي جتي توهان کي وڌ ۾ وڌ ماڻهو موجود ملندا پوءِ اها اونهاري جي ڇتي جهولي واري منجهند هجي يا سياري جو ڇتو پارو.

منهنجي چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته مني سينيما مان ماڻهن تي خراب اثر پون ٿا پر ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به آهن جن تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي ٿي سگهي ٿو ان جي اڌڻ سان اسان اڳتي هلي ڪري ڪنهن وڏي مصيبت ۾ نه ڦاسون.*


This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

Hunar Bna Kaamiyabi Ka Raasta

 ہنر بنا کامیابی کا راستہ ۔ تحریر: فراز بیگ 
Siraj Ahmed Ansari : Profile

By Faraz Biag



This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi
Also visit www.weeklyroshni.com
S.Ahsan

Talba Iss Mushkil Dor main Agay barhnay ki Koshish Karain : Syed Mushtaq Ali Qazmi


 سید مشتاق علی کاظمی کا انٹریو ۔ ندا شیخ 
Interview with  Syed Mushtaq Ali Qazmi  By Nida Sheikh




Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan

Hyderabad ki Pehli aur Bari Mobile Market

First And Largest Mobile Market of Hyderabad
Feature :  By: Khurram Sheikh 
 حیدرآباد کی پہلی اور بڑی موبائل مارکیٹ ۔ خرم شیخ



This practical work was carried out under the supervision of Sir Sohail Sangi.
Also visit www.weeklyroshni.com

S.Ahsan